دعا ليپا شادي لاءِ ”ها“ ڪري ڇڏي

لنڊن (ويب ڊيسڪ) برنطاوي گلوڪار دعا ليپا پنهنجي بواءِ فرينڊ برطانوي اداڪار ڪالم ٽرنر کي شادي لاءِ ”ها“ ڪري ڇڏي.
پرڏيي ميڊيا رپورٽس موجب، برطانوي اداڪار ڪالم ٽرنر ڪرسمس جي موقعي تي گلوڪار دعا ليپا کي شادي جي آڇ ڪئي جيڪا هن قبول ڪري ورتي.
ميڊيا رپورٽس موجب، ٻنهي شخصيتن طرفان نئين سال جي موقعي تي ان حوالي سان پنهنجي ڪٽنبن ۽ دوستن لاءِ هڪ تقريب ڪوٺائي ويندي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.