رتو ديرو(ويب ڊيسڪ) پ پ چيئرمين بلاول ڀٽو چيو آهي ته عوام جا مسئلا حل ڪرڻ اسان جي پهرين ترجيح آهي.
رتي ديري ۾ ميڊيا سان ڳالهايندي هن چيو ته اسان جي هميشه ڪوشش رهي آهي ته جيترا به مسئلا هجن، انهن جي حل ڪرڻ لاءِ محنت ڪندا رهنداسين.
بلاول ڀٽو چيو ته افسوس سان هاڻي اهو محسوس ٿي رهيو آهي ته ننڍا صوبا آهن، ڀلي اسان حڪومت ۾ هجي يا اپوزيشن ۾ وفاق جو رويو ڪجهه اهڙو ئي رهندو آهي، پيپلز پارٽي ۽ نون ليگ ۾ معاهدو ٿيو، اسان حڪومت ٺاهڻ ۾ مدد ڪئي ۽ وزيراعظم کي ووٽ ڏنو.
هن چيو ته اهو طئي ڪيو ويو هو ته صوبن کي پنهنجو جو حق ملي، اسان سان واعدو ڪيو ويو هو ته سنڌ، بلوچستان ۽ وفاقي سطح تي ترقياتي رٿائن بابت پيپلز پارٽي جي ان پٽ ورتي ويندي ۽ فنڊنگ به ڏني ويندي.
بلاول ڀٽو چيو ته پيپلزپارٽي سان سياسي بنيادن تي هڪ وعدو ڪيو ويو هو، جنهن تي صحيح طريقي سان عمل نٿو ٿي، پر وفاق کي صوبن سان گڏ هلڻ گهرجي ۽ سڀني صوبن کي پنهنجو حق ملڻ گهرجي،ان حوالي سان حڪومت ۾ سڌاري جي گنجائش آهي.
هن اميد ظاهر ڪئي ته سندن شڪايتن کي سنجيدگي سان ورتو ويندو ۽ نتيجا ڏيندڙ ڳالهيون ڪرڻ سان صوبن جا اعتراض حل ڪري سگھجن ٿا ۽ سياسي وعدن تي عمل ٿي سگهي ٿو.
هن چيو ته جيستائين مينڊيٽ جي ڳالهه آهي، اهو پارلياماني نظام ۾ اوهان جي آڏو آهي، حڪومت جو طريقيڪار ڀلي پاليسي ٺاهڻ هجي يا قانونسازي، انهن کي لڳي ٿو ته انهن وٽ ٻه ڀاڱي ٽي اڪثريت آهي ۽ ڪنهن کان پڇڻ جي ضرورت ناهي، پر زميني حقيقت ان کان مختلف آهي.
پ پ چيئرمين چيو ته پارليامينٽ ۾ سندن پوزين اهڙي نه آهي، جيڪا نوي جي ڏهاڪي ۾ هئي، هن وقت انهن وٽ سياسي اسٽيڪ هولڊرز سان گڏجي اجتمائي فيصلا ڪرڻ جو مينڊيٽ ته آهي، پر هڪ طرفو فيصلو ڪرڻ ۽ اهڙو فيصلو ڪرڻ جيڪو تڪراري هجي، جيڪو پاڻي جي بنيادي حق تي هجي، جيڪا 1991 جي ارسا ماهدي جي ڀڃڪڙي هجي.
You might also like