پراڻي محبت جاڳي پئي، سلمان خان لاءِ ڪترينا جو پيغام وائرل

ممبئي(ويب ڊيسڪ)باليووڊ اسٽار سلمان خان جي گذريل ڏينهن 59 هين سالگره هئي ۽ هن پنهنجي سالگره پنهنجي ڀيڻ جي گهر ملهائي هئي، جتي سندس اڳوڻي محبوبا سنگيتا بجلاڻي به شرڪت ڪئي هئي.

سلمان خان جي سالگره جي موقعي تي اداڪارا سان ڪيترن ئي اداڪارن توڙي اداڪارائن محبت جو اظهار ڪيو آهي، پريتي زنٽا توڙي سشميا سين پنهنجي گذريل دور ۾ ساڻس عشق جو اظهار به ڪيو آهي.

پر هاڻي ڪترينا ڪيف سماجي رابطن واري ويب سائيٽ تي سلمان خان جي بليڪ اينڊ وائيٽ تصوير رکي ڪيپشن ۾لکيو ته سالگره مبارڪ هجي، زندگي جون سڀ شاندار شيون هن سال ۽ سدائين جي لاءِ توهان سان گڏ هجن.

ڪترينا جي اهڙي پوسٽ کي مداحن طرفان پسند ڪيو پيو وڃي ۽ پراڻي محبت جاڳي پئي آ جا ڪمينٽ ڪيا پيا وڃن.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.