ٻين جي ڪِرڪِر شادي وڃائي ڇڏي، گهوٽ ڄڃ سوڌو ڪنوار کي ڇڏي هليو ويو!

ممبئي(ويب ڊيسڪ)ڀارتي رياست اتر پرديش جي ضلعي چندولي جي ڳوٺ حامدپور ۾ هڪ عجيب واقعو پيش آيو، جتي کاڌو دير سان پيش ڪرڻ تي گهوٽ ڪاوڙجي پيو ۽ پنهنجي مائٽن سوڌو ڪنوار کي شادي جي لباس ۾ انتظار ڪرائيندي ڇڏي واپس هليو ويو ۽ ٻي ڇوڪري سان شادي ڪري ڇڏي.

اطلاعن موجب ڪنوار جي شادي مهتاب نالي نوجوان سان ست مهينا اڳ طئي ٿي هئي، 22 ڊسمبر تي شادي جون تقريبون وڏي جوش ۽ جذبي سان جاري هيون.

ڪنوار جي وارثن ڄاڃين جو استقبال مٺائي سان ڪيو ۽ پوءِ کاڌو پيش ڪيو، پر گهوٽ جي هڪ مائٽ کاڌو دير سان پيش ٿيڻ تي اعتراض شروع ڪري ڇڏيو.

ڪنوار جي گهر وارن گهوٽ جي مائٽن کي سمجهائڻ جي ڪوششن باوجود، ڄاڃي ڪنوار جي خاندان تي الزام لڳائيندي واپس هليا ويا.

گهوٽ ان ئي رات پنهنجي هڪ مائٽ ٻي ڇوڪري سان شادي ڪري ڇڏي، جيڪا خبر ڪنوار جي خاندان لاءِ صدمي جو سبب بڻي، اهي شڪايت درج ڪرائڻ لاءِ پوليس اسٽيشن پهتا.

ڪنوار جي گهر وارن 7 لک رپين جي مالي نقصان جي دعويٰ ڪيو آهي، جنهن ۾ گهوٽ جي گهر موڪليل ڏاج ۾ 1.5 لک رپيا شامل آهن. انهن گهوٽ جي پنج گهر وارن خلاف ايف آءِ آر داخل ڪرائي قانوني ڪارروائي جو مطالبو ڪيو آهي.

ڪنوار جي ڀاءُ ٻڌايو ته ايس پي کين ڪارروائي جي خاطري ڪرائي پوليس کي اسان سان رابطي جي هدايت ڏني هئي، پر اڃا تائين ڪنهن به رابطو نه ڪيو آهي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.