شهيد بينظير ڀٽو کي 17هين ورسي تي لڙڪن ۽ سُڏڪن سان ڀيٽا پيش

لاڙڪاڻو/نئون ديرو (نمائندا) ڳڙھي خدا بخش ڀٽو پاڪستان جي اڳوڻي وزيراعظم شهيد بينظير ڀٽو جي 17هين ورسي عقيدت ۽ احترام سان ملهائي وئي، بلاول ڀٽو زرداري جي مزار تي حاضري ڀرڻ لاءِ ڪارڪنن  وڏي انگ ۾ شرڪت ڪئي ايس ايس پيز، ڊي آءِ جيز، ڊي ايس پيز، ايس ايڇ اوز، ايس ايس يو ڪمانڊوز، ليڊي پوليس، ٽريفڪ آفيسرن، رينجرز سميت 8 هزار پوليس اهلڪارن پنهنجا فرض سرانجام ڏنا، جڏهن ته درگاهه جي اندر ويندڙ دروازن مان تلاشي ورتي وئي سيد ارشاد علي شاهه راشدي، جنرل سيڪريٽري محمد انور ڏيرو، سرفراز ميراڻي جي اڳواڻي ۾ مرڪزي استقبالي ڪيمپ لڳائي وئي. نئونديرو ۾ باب الذوالفقار چوڪ ٺاهيو ويو جتي سڄي ملڪ مان قافلا ايندا ويا نئونديرو شهر ۽ ڳڙهي خدابخش ڀٽو کي پارٽي جهنڊن ۽ اڳواڻن جي تصويرن سان سينگاريو ويو،جڏهن ته صدر آصف علي زرداري ڳڙهي خدابخش ڀٽو پهچي قائد عوام شهيد ذوالفقار علي ڀٽو، شهيد راڻي محترمه بينظير ڀٽو، مادر جمهوريت بيگم نصرت ڀٽو ۽ ٻين شهيدن جي مزارن تي حاضري ڀري گل نڇاور ڪري فاتح خواني ڪري شهيدن جي ايثال ثواب خاطر دعا گهري.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.