ڳالهين جي ڪاميابي لاءِ شرط ڇڏي ميز تي اچو: شيري رحمان

نئون ديرو (ن ع آ) پيپلزپارٽي جي مرڪزي نائب صدر سينيٽر شيرين رحمان شهيد بينظير ڀٽو جي ورسي واري جلسي کي خطاب ڪندي چيو ته شهيد بينظير ڀٽو پاڪستان کي ويزن ۽ خواب ڏنو، هن سخت حالتن سان مقابلو ڪيو ۽ ڪڏهن سوديبازي نه ڪئي. هن سيکاريو ته جڏهن اسان حڪمران هجون ته ائين نه لڳي ته اسين حڪمران آهيون پر عوام جا نوڪر آهيون، ان ئي  سوچ جي پيروي ڪندي صدر آصف علي زرداري ۽ بلاول ڀٽو زرداري عوام جي خدمت ڪري رهيا آهن. بلاول ڀٽو زرداري ٻوڏ متاثرن کي گهر ڏئي رهيو آهي. اسان ورهاست واري سياست جو خاتمو چاهيون ٿا، آصف علي زرداري ۽ بلاول ڀٽو زرداري جي سياست مان ٻين کي به سکڻ گهرجي. جڏهن شهيد ذوالفقار علي ڀٽو جي شهادت ٿي ته ڪنهن پن کي به نقصانن ه پهتو، بلاول ڀٽو جي لانچ مارج ۾ ڪا ڏنڊو يا گولي نه هلي. اسان روئيندا نه آهيون، ڪارڪنن کي ڇڏي ناهيون ڀڄندا. پيپلزپارٽي وٽان مفاهمت، عوام دوستي جي سياست سکڻ گهرجي. جيڪڏهن ڏڦيڙ کان بچڻو آهي ته شرطن کانسواءِ ميز تي اچو.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.