ڪابل (م ڊ) افغانستان ۾ طالبان حڪومت مقامي سطح تي پهريون ڀيرو ٽرين تيارڪرڻ جي دعويٰ ڪري ڇڏي. حڪومت جي ترجمان ذبيح الله مجاهد ٽرين جي آزمائش واري وڊيو جاري ڪري ڇڏي. هن لکيو ته ملڪ جي نيشنل ڊيولپمينٽ ڪارپوريشن پهريون ڀيرو ٽرين ٺاهي. سندس چوڻ هو ته ملڪ ۾ ريلوي ٽريڪ جي مڪمل ٿيڻ تائين پنهنجون ٽرينون هونديون. افغان حڪومت طرفان ٽرين بابت وڌيڪ تفصيل جاري ناهن ڪيا ويا.