ڪراچي (رپورٽر) ايڌي فائونڊيشن جي چيئرمين فيصل ايڌي حڪومت تي زور ڀريو ته ڪرم ضلعي جي بحران کي حل ڪرڻ لاءِ مناسب قدم کنيا وڃن، ٻي صورت ۾ اهو سڄي ملڪ ۾ بيچينيءَ جو سبب بڻجندو. فيصل ايڌي اهو بيان ڪراچيءَ ۾ پاڪستان جي انساني حقن واري ڪميشن ايڇ آر سي پي جي آفيس ۾ خطاب دوران ڏنو. هن چيو ته جاري تڪرار سبب هيل تائين سئو کان وڌيڪ ٻار فوت ٿي چڪا آهن. حالتون انتهائي خراب آهن، ڪينسر ۽ برين هيمرج جا مريض علاج لاءِ دوائن کان محروم آهن. آڪسيجن ۽ انسولين جهڙيون اهم شيون، خانگي اسپتالن ۾ به موجود ناهن. تڪرار شروع ٿيڻ کانپوءِ طبي ڪارروايون ۽ آپريشن مڪمل طور بند آهن. سي ٽي اسڪين ۽ ايڪسري مشينون ڪم نٿيون ڪن ۽ روز ماڻهو موت جو شڪار ٿي رهيا آهن. فيصل ايڌي ٻڌايو ته محدود وسيلا هجڻ باوجود مريضن کي پشاور منتقل ڪرڻ ۽ ضرورت مند ماڻهن تائين ضروري سامان پهچائڻ جي ڪوشش ڪري رهيا آهيون. ايڇ آر سي پي جي سيڪريٽري جنرل حارث خليق ۽ سنڌ جي وائيس چيئرمين قاضي خضر چيو ته بحران کي انساني حقن جو مسئلو سمجهي پشاور ۽ اسلام آباد ۾ سنجيده ڳالهين ذريعي حل ڪيو وڃي. ايڇ آر سي پي مطالبو ڪيو ته ڪرم ضلعي ۾ جانيون بچائڻ لاءِ تڪڙا قدم کنيا وڃن، ڏوهن ۾ ملوث ماڻهن کي گرفتار ڪيو وڃي، ۽ سڀني اسٽيڪ هولڊرز کي ڳالهين ۾ شامل ڪري تڪرار ختم ڪيو وڃي.