عمران بهانو،ايٽمي پروگرام نشانو آهي:بلاول\ڪو سپرپاور ڪجهه نٿو بگاڙي سگهي:صدر زرداري

نئون ديرو(رپورٽ: محمد علي جروار) شهيد راڻي محترمه بينظير ڀٽو جي 17 هين ورسي جي مک تقريب واري جلسي کي خطاب ڪندي پ پ چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري چيو ته تازو آمريڪا پابنديون لڳايون  آهن،انهن جي خواهش آهي ته ڪنهن مسلمان ملڪ وٽ ايٽمي طاقت نه هجي،پي ٽي آءِ باني عمران خان بهانو آهي،انهن جو نشانو پاڪستان جو ايٽمي ۽ ميزائل پروگرام آهي، هن چيو ته عالمي سازشن جو مقابلو ڪرڻ لاءِ اسان کي هڪ ٿيڻو پوندو، اسان جي اندروني سياست تي آمريڪا کان بيان اچي رهيا آهن،اهي بيان رڳو بهانا آهن،انهن ماڻهن کي پاڪستان جي جمهوريت سان ڪا به دلچسپي ناهي،انهن بيانن جي حوالي سان عمران خان وضاحت ڪري، جيڪي ماڻهو پاڪستان جي ايٽمي پروگرام خلاف بيان ڏين ٿا اهي اڄ پي ٽي آءِ جي حق ۾ آواز ڇو اٿاري رهيا آهن؟ پي ٽي آءِ ۽ عمران خان کي انهن بيانن جي مذمت ڪرڻ گهرجي، هن چيو ته حڪومت جي ڪئنالن جي پاليسي تي سخت اعتراض آهي،اها معاهدي جي ڀڃڪڙي ۽ هڪ طرفو فيصلو آهي،هن چيو ته  شهيد محترمه بينظير ڀٽو هن ملڪ جي غريب عوام، پٺتي پيل علائقن، ڪمزور طبقي، اسان ۽ توهان جي نمائنده هئي، هن چيو ته توهان شهيد محترمه بينظير ڀٽو کي شهيد ڪري اسان مٿان ڪٺ پتلين کي مسلط ڪيو،هاڻي پاڪستان هڪ اهڙي هنڌ بيٺو آهي ته مسئلا ئي مسئلا ان ۾ اندروني مسئلا، معاشي بحران ۽ دهشتگردي جو مسئلو ٻيهر کر کڻي رهيو آهي ۽ هر صوبي جا پنهنجا پنهنجا مسئلا آهن، پرڏيهي سطح تي به پاڪستان لاءِ وڏا امتحان اچڻ وارا آهن، جڏهن پاڪستان جون اندروني ۽ بين الاقوامي سطح جون مشڪلات آهن انهن سڀني مسئلن جو مقابلو ڪرڻ لاءِ پاڪستان جي سڀ سياسي جماعتن کي گڏجي هنن مسئلن جو مقابلو ڪرڻو پوندو ڪنهن به هڪ سياسي جماعت وٽ نه اها مينڊينٽ ۽ طاقت آهي ته هو هڪ ئي وقت سمورن بيروني ۽ اندروني مسئلن جو مقابلو ڪري، ، پ پ پ اُها واحد جماعت آهي جيڪا اڄوڪي سياسي صورتحال ۾ به فخر سان چوي ته اسين نه سليڪٽيڊ ۽ نه فارم 47 وارا آهيون، قومي اسيمبلي ۾ اسان جو تعداد ايترو ناهي پر اسان ڳڙهي خدابخش ڀٽو کي جوابده ۽ پ پ پ جي جيالن ۽ پاڪستان جي عوام کي جوابده آهيون ۽ اهو ئي ڪارڻ آهي اسان عوام لاءِ آواز اٿاريو آهي ۽ آواز اٿاريندا رهنداسين جڏهن حڪومت سازي جو وقت هيو ته اسان کي ڪنهن ڪرسي يا وزارت جو شوق نه هيو، اسان ان وقت اِهو فيصلو ڪيو ته جيڪا سياسي جماعت اسان وٽ ايندي ۽ واعدو ڪري رهي آهي ته هو سياسي استحڪام، مهانگائي ۾ گهٽتائي کڻي ايندا اسان انهن جو ساٿ ڏئي انهن جي حڪومت ٺاهينداسين ۽ اسان ان وقت هڪ معاهدي تي صحيحون ڪيون ته اسان توهان کي پنهنجا ووٽ ڏئي رهيا آهيون پر ائين نه ٿئي جو توهان ووٽ کڻي اکيون بند ڪري ويهي رهو، ائين نه ٿئي جو ماضيءَ ۾ هڪ سياستدان توهان جي باري ۾ چوندو هو ته جڏهن هي مشڪل ۾ هوندا آهن ته پير ۽ مصيبت ۾ ڳلو وٺندا آهن اِهو طئي ٿيو هو ته اسان حڪومت ۾ ناهيون ته پاڪستان جي پي ايس ڊي پي ۽ چئني صوبن ۾ وفاقي حڪومتن جي منصوبن کي مشاورت سان ٺاهينداسين ته جيئن پاڪستان جي پٺتي پيل علائقن جن کي ن ليگ جي حڪومت ۾ ماٽيلي ماءُ وارو سلوڪ جو منهن ڏيڻو پئجي ويو، هن چيو ته اسان کي خبر آهي ته بلوچستان، سنڌ، جنوبي پنجاب ٻوڏ سبب سڀ کان وڌيڪ متاثر ٿيا ۽ اسان معاهدي ۾ لکيو ته ٻوڏ متاثرن جي ضرورت کي پورو ڪيو ويندو اڄ توهان کي افسوس سان چوڻو ٿو پوي ته هن وقت تائين ان ڊاڪيومينٽ تي عملدرآمد ڪرائڻ تي اسين ناڪام رهيا آهيون ۽ منهنجي لاءِ پنهنجي ميمبرن کي بار بار مجبور ڪرڻ ته اسيمبلي پهچي ڪورم پورو ڪيو ۽ انهن جي هر خواهش کي اکيون بند ڪري ووٽ وڌو پر جڏهن توهان پنهنجي علائقن ڏانهن وڃو ته هٿئين خالي وڃو ۽ جڏهن توهان پنهنجي علائقن ڏانهن وڃو ٿا ته توهان وٽ امن امان، ترقياتي ڪم لاءِ ڪو جواب نه هجي ائين حڪومتون نه هلنديون آهن، حڪومت پارليامينٽ کي اعتماد ۾ وٺي هر مسئلي جي حل پارليامينٽ مان اتفاق راءِ پيدا ڪري منظور ڪري جيڪڏهن اسان اهڙي طريقي سان هلنداسين وارن مسئلن جو حل ڪڍي وٺنداسين، حڪومت وٽ هڪ طرفي فيصلو ڪرڻو جو ڪو اختيار ناهي هن چيو ته  مان صدر پاڪستان کي اپيل ڪندس ته حڪومت کي اِها تجويز ڏني وڃي ته جيڪي فيصلا اتفاق راءِ سان ڪيا ويندا آهن اهي طاقتور ۽ اصل مسئلن جو حل ڪڍندا آهن، صدر آصف علي زرداري پهريان اِها تاريخ رقم ڪئي ته هن پهريون ڀيرو 5 سال حڪومت ڪئي ۽ تاريخ ۾ آصف علي زرداري جو وڏو ڪارنامو آهي ۽ اسان وٽ اڪثريت هوندي ۽ پنجاب ۾ هنن کان بغير حڪومت ٺاهڻ ۽ ڪي پي ڪي ۾ پنهنجي وڏي وزير کي بڻائي سگهون پيا پر صدر آصف علي زرداري پوري ملڪ جي جماعتن کي مفاهمت تحت گڏ کڻي معيشت بابت بهتر فيصلا ڪيا ۽ تاريخ ۾ پهريون ڀيرو 1973ع جي آئين موجب صوبن کي حق ۽ اين ايف سي ڏنو ويو آهي، اسان کي هڪ ڀيرو ٻيهر جيڪڏهن دهشتگردي جو مقابلو ڪري زراعت ۽ ٽيڪنالاجي شعبي کي معاشي قتل کان بچائڻو ۽ سياسي استحڪام قائم ڪرڻو آهي ته جيئن اسين بين الاقوامي سازشن جو مقابلو ڪيون ته پوءِ سمورا فيصلا اتفاق راءِ سان ڪرڻا پوندا، هن چيو ته  توهان کي خبر آهي قائد عوام شهيد ذوالفقار علي ڀٽو پاڪستان جي ايٽمي طاقت جو باني آهي، قائد عوام کي ڦاهي تي پهچائڻ جو وڏو ڪارڻ بين الاقوامي طاقت جي نظر ۾ اِهو آهي ته قائد عوام اسلامڪ بم ٺاهيو، شهيد محترمه بينظير ڀٽو ميزائل ٽيڪنالاجي ڏياري، اڄڪلهه پاڪستان جا مخالف شهيد ذوالفقار علي ڀٽو جي ايٽمي بم جي تحفي ۽ شهيد محترمه بينظير ڀٽو جي ڏنل ميزائل ٽيڪنالاجي جو تحفو ميري اک سان ڏسي رهيا آهن، هنن جي خواهش آهي ته ڪو مسلمان ملڪ وٽ اهڙي قسم جي قوت نه هجي ۽ هو ڪنهن نه ڪنهن بهاني توهان کان اِها طاقت کسڻ چاهن پيا، صدر آصف علي زرداري هر ڀيري اها ڳالهه ثابت ڪئي آهي ته هو پاڪستان ۽ پاڪستان جي مفادن کي ڪهڙي نموني کي ترجيح ڏيندو آهي.

نئون ديرو(ن ع آ) شهيد بيبي جي 17 هين ورسي جلسي جي مک تقريب کي صدر آصف علي زرداري خطاب ڪندي چيو ته مان جيڪڏهن اڄ ٻيهر صدر آهيان اها توهان ۽ پاڪستان پيپلز پارٽي جي طاقت ۽ غريب توڙي شهيد محترمه بينظير ڀٽو جون دعائون آهن ڇاڪاڻ هوءَ شهيد آهي ۽ شهيد اسان جي نظر ۾ ڪڏهن مرندا ناهن ۽ اسان 45 سالن کان پوءِ شهيد ذوالفقار علي ڀٽو جي فيصلي کي واپس ڪرائي ثابت ڪيو ته اهو عدالتي قتل هيو ۽ ان کي تاريخ ۾ مڃڻو پوندو ته واقعي قانوني قتل ٿيو هو،هن چيو ته اسان پهرين ڏينهن کان ڳڙهي خدابخش ڀٽو جي ڌرتي جو قسم کنيو آهي ته جيڪو به ڪم ڪنداسين ان لاءِ توهان ۽ ڳڙهي خدابخش ڀٽو کي جوابده هونداسين ڇاڪاڻ مون کي مون جي ايندڙ نسل کي هتي ئي دفن ٿيڻو آهي منهنجي ڌرتي، فيڊريشن، پاڪستان سان وفا ۽ پاڪستان کي اهڙن هٿن کان بچائڻو آهي. هن چيو ته “جيڪڏهن ڪو سپر پاور آهي ته مولا پاور آهي ۽ مولا ئي اِهو پاور آهي جنهن تي اسين يقين رکون ٿا ۽ جنهن تي دنيا يقين رکي ٿي“ انشاءَ الله توهان ۽ دوستن جي دعائن سان هن مشڪل حالتن مان به پاڪستان کي ڪڍي توهان کي خوشخبريون ڏينداسين ته هي اسان جو ڪجهه به بگاڙي نه ٿا سگهن،هن چيو ته  اسان سڀ ڪجهه سنڀالي ٺيڪ ڪنداسين، ها پر مشڪلاتون ۽ تڪليفون آهن جيڪا منهنجي لاءِ ڪا نئين ڳالهه ناهي روز تڪليف ۽ روز مسئلا هوندا آهن، روز درد ايندا ۽ ويندا آهن، هي اسان جا پراڻا واقفڪار آهن، دوستن کي چوندس ته پرواهه ڪرڻ جي ڪا به ڳالهه ناهي اسان سڀني کي ڏسي وٺنداسين نه توهان جو پاڻي ۽ نه ئي گئس ڪيڏانهن ويندي ۽ اهو سڀ ڪجهه توهان کي ملندو،هن چيو ته  جيڪو توهان جو حق آهي اهو توهان کي ملندو ۽ جيڪو ٻين جو حق آهي انهن کي ملندو، جيڪو بلوچستان، ڪي پي ڪي، پنجاب ۽ سنڌو جو حق آهي اهو انهن کي ئي ملندو ان کان علاوه اسان وٽ ٻيو ڪو فيصلو يا ان کان گهٽ فيصلو ناهي، دنيا ضرور بدلجي رهي آهي ۽ دنيا ۾ نيون شيون ٿي رهيون آهن پر اهي سڀ انسان ذات ۽ توهان کي فائدو ۽ ٻين کي فائدو ڏينديون ۽ جيڪا شيءَ پارٽي ۽ انسان ذات کي فائدو ڏيندي اها پاڪستان جي به فائدي ۾ هوندي.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.