فوجي عدالتن خلاف ڳالهائيندڙ ڪالهه ان جا حامي هئا: پاڪ فوج\26 نومبر احتجاج سياسي دهشتگردي هئي

راولپنڊي (م ڊ) ڊي جي آءِ ايس پي آر، ليفٽيننٽ جنرل احمد شريف چوڌري نومبر ۾ پي ٽي آءِ جي پُرتشدد احتجاج کي سياسي دهشتگردي قرار ڏيندي چيو آهي ته اهو احتجاج 2014 ۾ پارليمنٽ ۽ ٻين سرڪاري ادارن  جي عمارتن ۽ 9 مئي جي پرتشدد واقعن منفي سياست ۽ تشدد جو سلسلو آهي، هڪ شخص جي ضد سبب ڪي پي عوام ۽ اسان سڀني کي ڀوڳڻو پئجي رهيو آهي، سندس غلطي جي قيمت قوم پنهنجي خون سان ادا ڪئي، 9 مئي جهڙن واقعن جي منصوبابندي ڪندڙن ۽ اصل ڪردارن کي ڪيفر ڪردار تي پهچايو ويندو، ڪنهن کي به اهڙن سانحن ۽ ڏڦيڙي سياست جي اجازت نه ڏينداسين، جمعي ڏينهن پاڪ فوج جي ترجمان اداري آءِ ايس پي آر ڊائريڪٽر جنرل ليفٽيننٽ جنرل احمد شريف چوڌري پريس ڪانفرنس دوران پي ٽي آءِ جو نالو وٺڻ کان سواءِ ان احتجاج کي ”نومبر سازش“ قرار ڏنو ۽ چيو ته ”ان جي پٺيان سياسي دهشتگردي واري سوچ هئي، هن چيو ته سياسي پارٽيون ڏڦيڙي سياست بدران ڳالهين ذريعي پنهنجا مسئلا حل ڪن، اهو ڪم سياسي پارٽين کي ئي ڪرڻو آهي، فوج هر حڪومت سان سرڪاري ۽ پيشواراڻي طور تي تعاون ڪندي آهي، ان لاڳاپي کي سياسي رنگ ڏيڻ مناسب نه هوندو، سياسي پارٽين پاران ڳالهيون ڪرڻ سٺو عمل آهي، ڪنهن شخص جي اقتدار واري خواهش پاڪستان کان مٿي نه آهي، هن چيو ته فيض حميد ڪيس ۾ حساس نوعيت جا پاسا آهن، جيڪڏهن ڪو آفيسر سياست کي رياست کان مٿي سمجهندو ته ان کي جواب ڏيڻو پوندو، 9 مئي جو ڪيس فوج جو نه پاڪستان جي عوام جو آهي، دهشتگردي جي مسئلي تي ڪابه سياست نه ٿيڻ گهرجي، پاڪ فوج ڪنهن خاص سياسي پارٽي يا نظريي جي خلاف نه آهي ۽ نه ئي ان جي حمايت ڪري ٿي، 26 نومبر جي سازش جي پويان سوچ سياسي دهشتگردي آهي، 26 نومبر تي هزارين ڪارڪنن جي شهادت جو ڪوڙ پکيڙيو ويو، انهن کي يقين آهي ته اهي ڪهڙو به ڪوڙ وڪڻي سگهن ٿا، هن چيو ته هڪ بيانيو ٺاهيو ويو ته 9 مئي فوج ڪرايو آهي، جيڪڏهن 9 مئي فوج ڪرايو آهي ته پوءِ سزائن کانپوءِ انهن عنصرن کي خوش ٿيڻ گهرجي، پريس ڪانفرنس دوران پاڪ فوج جي ترجمان ملڪ جي سڪيورٽي صورتحال، سڪيورٽي آپريشنز، سرحدي صورتحال ۽ صحافين پاران پڇيل سياسي سوالن جا به جواب ڏنا، نوَ مئي جي پرتشدد احتجاج بابت هڪ سوال جي جواب ۾ ڊي جي آءِ ايس پي آر چيو ته فوجي عدالتن ۾ ثبوت ۽ شاهدين موجب اهي سڀ ماڻهو جيڪي ڏڦيڙن ۾ ملوث هئا، انهن کي سزائون ٻڌائڻ جو عمل مڪمل ٿي چڪو آهي، هن چيوته 9 مئي بابت جيڪو پاڪ فوج جو نظريو آهي اهو انتهائي واضح آهي. هي پاڪ فوج جو ڪيس ناهي، پر عوام جو ڪيس آهي. جيڪڏهن ڪو هٿياربند گروهه يا پرتشدد ٽولو پنهنجي مرضي سان پنهنجي سوچ مڙهڻ چاهي ۽ ان کي آئين موجب نه روڪيو وڃي، ته پوءِ اسان هن سماج کي ڪهڙي طرف وٺي وڃي رهيا آهيون؟ ڊي جي آءِ ايس پي آر جو چوڻ هو ته دهشتگردي ٽوڙ عدالتن ۾ به جيڪي نوَ مئي بابت ڪيس آهن اِهي به منطقي انجام تائين پهچائڻ گهرجن ۽ منصوبو ٺاهيندڙ ۽ ملوث ڪردارن کي به سزا ملڻ گهرجي، پاڪ فوج جي ترجمان چيو ته پاڪستان ۾ اهڙي منفي سياسي کي گنجائش فيڪ نيوز سبب ملي رهي آهي جنهن جو واضح مثال نوَ مئي کي ” فالڪس فليگ آپريشن“ قرار ڏيڻ يا ان جو ذميوار فوج يا ٻين ادارن کي قرار ڏيڻ آهي، پريس ڪانفرنس دوران ليفٽيننٽ جنرل احمد شريف چوڌري چيو ته گذريل پنجن سالن جي ڀيٽ ۾ هن سال سڀ کان وڌيڪ دهشتگرد ماريا ويا آهن، پاڪ فوج دهشتگردي جي ڪيترن ئي منصوبن کي ڪاميابي سان ناڪام بڻايو ۽ سندن قبضي مان وڏي انگ ۾ هٿيار پڻ هٿ ڪيا، هن ٻڌايو ته سال 2024 ۾ انتهائي گهربل دهشتگردن جي ڪيئي ئي وڏن نالن سميت 925 دهشتگردن کي جهنم ڀيڙو ڪيو ويو، آپريشنز دوران73 انتھائي گهربل دهشتگردن کي ماريو ويو. ان کانسواءِ ٻن آپگهاتي بمبارن کي گرفتار ڪيوويو، 14 گهربل دهشتگردن هٿيار ڦٽا ڪيا، جڏهن ته 383 آفيسر ۽ جوان شهيد ٿيا، ڊي جي آءِ ايس پي آر جو چوڻ هو ته پاڪستان افغانستان ۾ امن جي قيام لاءِ ڪوششون ڪندو رهيو آهي، پر افغانستان جي سرزمين کان دهشتگرد پاڪستان ۾ دهشتگردي ڪري رهيا آهن، ۽ انهن جي نيٽ ورڪ کي ختم ڪرڻ ۾ ڪنهن به قسم جي ڪوتاهي کان بچڻ لاءِ پرعزم آهيون، سندس چوڻ هو ته پاڪ فوج ڀارت جي ڪنهن به قسم جي اڳرائيءَ جو منهن ٽوڙ جواب ڏيڻ جي صلاحيت رکي ٿي، ڀارت والاريل ڪشمير ۾ ظلم جي انتها ڪري ڇڏي آهي، هن چيو ته والاريل ماٿري ۾ ڀارتي ظلم جو داستان دنيا جي آڏو آهي، ڀارت ڪشمير ۾ عالمي قانون جي سرعام ڀڃڪڙي ڪري رهيو آهي، پاڪ فوج والاريل ڪشمير جي مظلوم عوام سان گڏ آهي، هن ٻڌايو ته ڀارت ٻين ملڪن ۾ سکن جي قتل ۾ به ملوث آهي ڀارت ۾ سازش تحت اقليتن جي نسل ڪشي ڪئي پئي وڃي، والاريل ڪشمير جي مظلوم عوام جي قانوني، سفارتي ۽ اخلاقي حمايت جاري رکڻ اسان جو اصولي موقف آهي، هن چيو ته دهشتگردي جي ناسور خلاف پوري قوم ادارن سان گڏجي وڙهڻو پوندو ڇو ته محفوظ پاڪستان ئي پاڪستان آهي، پاڪستان ۾ دهشتگردي، ڀتا خوري ۽ سمگلنگ جو اربين رپين جو اسپيڪٽرم موجود آهي، ڊي جي آءِ ايس پي آر وڌيڪ چيو ته دهشتگردي تڏهن ختم ٿيندي جڏهن انصاف، تعليم، صحت ۽ گڊ گورننس هوندي، دهشتگردي تڏهن ختم ٿيندي جڏهن ته دهشتگردي ۽ ڏوهه جو ڳٺ جڙ ختم ٿيندو، هن چيو ته اٺ لک کان وڌيڪ غير قانوني ترسيل افغانين کي واپس موڪلي ويو آهي، ملڪ جي ڊجيٽل سرحدن کي محفوظ بڻائڻ لاءِ به حڪمت عملي جوڙي پئي وڃي، احساسِ محرومي جو ڪوڙو، مصنوعي بيانو گهڙيو پيو وڃي، بلوچستان ۾ احساسِ محرومي جو ڪوڙ وائکو ٿي رهيو آهي.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.