اسلام آباد( عمر چيما) پي ٽي آءِ وارا پھريون افغانستان مان ٿيل ڪارروائي سبب شھيد فوجي جوانن جو مذاق اڏائي رھيا تھ ٻئي پاسي پاڪستان ائرفورس طرفان جوابي ڪارروائي تي وري ڪيڙا ڪڍڻ تي لڳل آھن، ھاڻي طالبان بھ پنجاب خلاف ڳالھائڻ شروع ڪيوآهي. طالبان جو انٽيليجنس چيف اھي ڳالھيون ڪري رھيوآھي،بينظير ڀٽو جي شهادت وقت بھ پ پ جي ماڻھن ڪجهھ ڀڃ ڊاهه ڪئي پر ان کي 9 مئي سان نھ ٿو ملائي سگهجي پلاننگ طالبان ڪئي ھئي پر بينيفشري ڪيترائي ٿي سگھن ٿا آصف زرداري لاءِ بھ ماڻھو چوندا آهن ،ٻيو ڊي جي آءِ ايس آءِ بينظير ڀٽو کي اڳواٽ حملي بابت ٻڌايو هو پر اھڙن رپورٽن تي شڪ جواظھار ڪيو ويندو آھي تھ ڪٿي ڊيڄارين پيا،سو بينظير ڀٽو بھ شڪ سبب يقين نھ ڪيو .مارخور(آءِ ايس آءِ) گذريل ڏينھن معيد پيرزادي جو ذڪر ڪيو تھ اھو آستين جو نانگ نڪتو آھي ۽ اسان کان پيسا وٺي ويو آھي. کانئن پڇيو ويو تھ ھڪ ئي نانگ ھيو يا ٻيابھ آهن؟ تھ ھنن چيو تھ ٻيا بھ آهن جن ۾ پھرين نمبر تي صابر شاڪر آھي ،وجاھت سعيد خان، چوڌري غلام حسين کي اسان چيف سان گڏ ھيلي ڪاپٽر ۾ گھمائيندا ھياسين ۽ صديق جان کي اکين تي رکيوسين، آفتاب اقبال اڄ بھ اسان جو قرضي آھي.منھنجي خيال ۾ جيڪو انڊس ٽي وي جو پراجيڪٽ آھي سو آئي ايس آئي جو پروجيڪٽ ھيو جنرل فيض جو پروجيڪٽ ھيو.
نوٽ: هي تجزيو، روزاني عوامي آواز، ڇنڇر 28 ڊسمبر 2024ع تي شايع ٿيو