جلد بلاول کي وزيراعظم بڻائينداسين:پرويز اشرف

نئون ديرو(ن ع  آ) بلوچستان جي وڏي وزير مير سرفراز بگٽي خطاب ڪندي چيو ته عظيم قائد کي خراج پيش ڪرڻ لاءِ بلوچستان جي ڏورانهن علائقن مان آيل ماڻهو هتي موجود آهن، اسان ان جي نقش قدم تيهلندي بلوچستان جي عام، غريب ماڻهن، هارين، مزدورن، پسيل طبقي کي ڳلي لڳائي رهيا آهيون بلوچستان جي عام ٻارن کي پرڏيهه تعليم ڏئي رهيا آهيون تمام جلد پيپلز ايئر ايمبولينس ڏورانهن علائقن مان مريضن کي کڻي اسپتالن ۾ پهچائيندي هن چيو ته ڪوئيٽا ۽ تربت ۾ پيپلز سروس شروع ٿي چڪي آهي ۽ عورتن لاءِ خاص طور پنڪ بسون شروع ڪيون ويون آهن، اسان شاگردياڻين کي پنڪ اسڪوٽي ڏنيون هن چيو ته  اسان فيصلو ڪيو آهي ته ڪارڪنن کي هر ضلعي ۾ ڪوٽا سسٽم روزگار فراهم ڪنداسين،پ پ پ سنڌ جي صدر نثار کهڙو خطاب ڪندي چيو ته شهيد محترمه بينظير ڀٽو آمرن کي للڪاريندي ۽ لاهي ڏيکاريو اهو ضياءُ الحق هجي يا پرويز مشرف، هو اسان جو سهارو بڻي، کيس خبر هئي ته سندس مٿان حملو ٿيندو پر ان جي باوجود هوءَ پاڪستان کي بچائڻ لاءِ چوندي هئي ته منهنجي ٽرڪ تي نه چڙهو مون مٿان حملو ٿيندو ائين نه ٿئي جو منهنجي پارٽي کي ختم ڪري ڇڏين، کيس خبر هئي ته هتي خطرو آهي پر ان جي باوجود جان تري تي کڻي ڏيهه آئي،اڄ جمهوريت محترمه بينظير ڀٽو جي ڪري آهي اڳوڻي وزيراعظم پاڪستان، سينٽرل پنجاب جي صدر راجا پرويز اشرف خطاب ڪندي چيو ته صدر آصف علي زرداري سنڌي زبان جو هڪ لفظ پاڪستان کپي چئي پاڪستان ۽ وفاق کي بچائي ورتو، هي هوندي آهي قيادت،ليڊر اهو آهي جيڪو پاڪستان جي لاءِ سڀني کي گڏجي کڻي هلي، ليڊر اهو ناهي هوندو جيڪو پاڪستان کي ورهائي نفرتون ڦهلائي، هن چيو ته  بلاول ڀٽو زرداري سياست ۾ قدم رکي ٿو ته هو پنهنجي ناني، والد ۽ والده جي نقش قدم تي هلي مفاهمت، پيار، محبت، پاڪستاني کي گڏ ويهارڻ ۽ پوري پاڪستان جي ڳالهه ڪندو آهي اها آهي پاڪستان پيپلز پارٽي جي قيادت جيڪو پيغام پوري پاڪستان جو پيغام بڻجي چڪو آهي، هن چيو ته اهو وقت پري ناهي جڏهن بلاول ڀٽو زرداري وزيراعظم ٿي پاڪستان جي سمورن تڪليفن جو ازالو ڪري پاڪستاني عوام جو خوشحال ڪندو.

فوتي ڪوٽا ايڪشن ڪميٽي پاران ڳڙهي خدابخش ۾ ڌرڻو

نئون ديرو(ن ع آ) لاڙڪاڻي ۾ آل سنڌ فوتي ڪوٽا ايڪشن ڪميٽي طرفان فوتي ڪوٽا تحت نوڪرين تي پابندي لڳائڻ واري فيصلي تي نظرثاني لاءِ شهيد محترمه بينظير ڀٽو جي ورسي موقعي تي ڳڙهي خدابخش ڀٽو ۾ شهيدن جي  مزار اڳيان احتجاجي مظاهرو ڪري ڌرڻو هنيو ويو جتي هنن هٿن ۾ بئنر کڻي نعريبازي پڻ ڪئي. ان موقعي تي چيئرمين شيراز قريشي، جاويد بلوچ، ظهير الدين سميجو ۽ ٻين ملڪي اعليٰ عدالتن کي اپيل ڪئي ته هو فوتي ڪوٽا بابت عدالتي فيصلي تي نظرثاني ڪن ته جيئن فوتي ڪوٽا جي اميدوارن کي روزگار ملي سگهي. گڏوگڏ هنن پيپلز پارٽيءَ جي اعليٰ قيادت کان گهر ڪئي ته قومي اسيمبلي ۽ صوبائي اسيمبلي مان فوتي ڪوٽا جي بحاليءَ لاءِ قانونسازي ڪئي وڃي

پي اي سي چيئرمين جي چونڊ ۾ دير، پي ٽي آءِ کي خط

اسلام آباد(م ڊ) حڪومت پي اي سي چيئرمين جي چونڊ جو عمل ايندڙ هفتي مڪمل ڪرڻ جو فيصلو ڪيو آهي، چونڊ ۾ لڳاتار دير کانپوءِ مسلم ليگ ن جي چيف وهپ ڊاڪٽر طارق فضل چوڌري پي ٽي آءِ جي چيف وهپ عامر ڊوگر کي ٽيون خط لکيو  آهي، جنهن ۾ چيو آهي ته 10 مهينا گذرڻ باوجود اپوزيشن اڃا تائين پينل نه موڪليو آهي، حڪومتي اتحاد پي اي سي جي چيئرمين جي چونڊ هر صورت ۾ ڪرائڻ جو فيصلو ڪيو آهي، حڪومت پي اي سي چيئرمين جو عهدو اپوزيشن کي ڏيڻ چاهي ٿي ته جيئن خود احتسابي جو عمل صاف ۽ شفاف ٿي سگهي.

غزا ۾ ٿڌ جي شديد لهر، 4 کير پياڪ فلسطيني ٻار فوت

غزا(م ڊ) غزا ۾ شديد ٿڌ سبب 3 فلسطيني ٻار فوت ٿي ويا آهن. پرڏيهي ميڊيا مطابق خان يونس ۾ ناصر اسپتال جي ڊاڪٽر احمد الفرا گذريل ڏينهن ٻڌايو ته ٿڌ جي شديد لهر سبب هڪ هفتي دوران 3 ٻار فوت ٿي ويا آهن. هن چيو ته ٽن هفتن جي ڄاول ٻارڙي سيلا الفصيح کي ايمرجنسي  وارڊ ۾ آندو ويو ته سندس جسم جو گرمي پد سخت ٿڌ سبب انتهائي هيٺ ٿي چڪو هو پر اسپتال ۾ کيس اسپتال ۾ ضروري سهولتن جي فراهمي ممڪن نه هجڻ سبب  اها  ٻارڙي فوت ٿي وئي جيڪا امواصي پناهگير ڪيمپ جي هڪ خيمي ۾ ترسيل بي گهر فلسطيني ماءُ جي ڌيءَ هئي . ٻار جي والد ٻڌايو ته ٻارڙي بک سبب رات جو ٻه ٽي ڀيرا جاڳ ٿي پر صبح جو ڏٺو سين ته سندس وات مان رت وهي رهيو هو جنهن تي اسان کيس ڊاڪٽر وٽ آندو جنهن ٻڌايو ته ٻارڙي شديد ٿڌ جو شڪار ٿي آهي . اهڙي طرح جا ڪيترائي ٻار پهريان به هتي آندا ويا آهن . غزه ۾ ساڍن 14 مهينن کان جاري اسرائيلي بمباري سبب بي گهر ٿيل لکين فلسطيني عوام هاڻي سخت ٿڌ جي لپيٽ ۾ آهن پر اهو صرف گذريل خيمن جي اندر تائين محدود ناهي.

اداري جو ترجمان سياسي ڳالهيون ڪندو ته تنقيد ته ٿيندي؟

اسلام آباد(اعزاز سيد)آءِ ايس پي آر سربراهه پريس ڪانفرنس ۾ سياسي ڳالهيون ڪيون جيڪي هن کي نه ڪرڻ گهرجن پوءِ چون ٿا ته اسان تي تنقيد ڪئي وڃي،فوج سياسي ڳالهيون ڪندي ته تنقيد ته ضرور ٿيندي،ٻن پارٽين سان توهان جي صلح آهي،اهي ته توهان خلاف نه پيون ڳالهائين،عمران خان سان توهان جو جهيڙو آهي،ان جي پارٽي توهان تي تنقيد ڪري رهي آهي،توهان عطا تارڙ کان پريس ڪانفرنس ڪرايو،فوجي ترجمان پريس ڪانفرنس ۾ عمران خان لاءِ واضح پيغام ڏنو آهي، ٻئي پاسي طالبان کي ٻيهر ڪي پي ۾ آباد ڪرڻ عمران خان جي غلطي ڪوٺي وئي آهي،ان ۾ ڪو شڪ ناهي ته عمران خان پنهنجي ان فيصلي جو دفاع ڪندو رهيو آهي،

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.