ڪئنالن خلاف قومي عوامي تحريڪ پاران اڄ بک هڙتال جو اعلان

حيدرآباد ( پ ر) قومي عوامي تحريڪ جي مرڪزي ترجمان اشرف پليجي پنهنجي پريس پڌرائي ۾ ڄاڻايو آهي ته قومي عوامي  تحريڪ پاران اڄ سنڌو درياھه مان 6 نوان ڪئنال ڪڍڻ خلاف قومي عوامي تحريڪ جي مرڪزي جنرل سيڪريٽري مظھر راھوجو جي اڳواڻي ۾ ھزاريدر چوڪ شڪار پور جي اڳيان علامتي بک هڙتال ڪئي ويندي جڏهن ته شام جو 4 وڳي قومي عوامي تحريڪ جو سربراھه اياز لطيف پليجو شڪارپور ۾ شيخ اياز ميلو جي تقريب کي خطاب ڪندو، 29 ڊسمبر تي وارھه شهر ۾ ھاري اڳواڻ ڪامريڊ قاضي غفار جي 24 ورسي ۽ درياهھ بچايو جلسي عام کي خطاب ڪندو، 4 جنوري تي چڪرا ڳوٺ ڪراچي ۾ جشن لطيف کي خطاب ڪندو ۽ 5 جنوري تي شھدادپور ۾ درياءَ بچايو ريلي جي اڳواڻي ڪندو.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.