نوابشاهه (رپورٽ: غلام نبي ڀنڀرو) سنڌ يونائيٽيڊ پارٽي نوابشاهھ ڊويزن پاران گرين پاڪستان انيشيٽو پروگرام تحت سنڌو درياهه مان 6 نوان ڪئنال ڪڍڻ خلاف 24 ڪلاڪن لاءِ نيشنل پريس ڪلب نوابشاهه اڳيان اڄ ٻئي ڏينهن به پارٽي جي سينيئر نائب صدر روشن علي ٻرڙو، مرڪزي نائب صدر عارف نياز آرائين، مرڪزي ڊپٽي سيڪريٽري رمضان ٻرڙو، ڊويزنل صدر محمد اسلم ڪريجو، ايس يو پي ضلعي نوابشاهھ جي صدر ڊاڪٽر زين ڀٽو، ضلعي سانگھڙ جي صدر محمد خان پنھنور، ضلعي نوشھروفيروز جي صدر رضا محمد بھڻ ۽ سينٽرل ايگزيڪيوٽو ڪميٽي جي ميمبر مجيب ماڇي جي اڳواڻي۾ ڪئمپ قائم ڪئي ويئي آھي، جنھن ۾ سوين ڪارڪنن ۽ سول سوسائٽي جي ماڻھن شرڪت ڪئي آھي.