ڪراچي(م ڊ) مهانگائي ۾ گهٽتائي بابت حڪومتي دعوائن جي ابتڙ عوام مهانگائي سبب سخت پريشان نظر اچي رهيو آهي، پورهيت طبقي جو چوڻ آهي ته ضروري شين جا اگهه ڪنٽرول مان نڪري ويا آهن، گهٽ اجرت تي ٻچن جو پيٽ پالڻ ڏکيو ٿي پيو آهي، بنيادي شين جهڙوڪ صابن ۽ واشنگ پائوڊر جون قيمتون تمام گهڻيون آهن، بجلي جي بلن ته صفا پريشان ڪري ڇڏيو آهي، اهڙي ماحول ۾ مهانگائي گهٽجڻ جي دعويٰ ڪيئن ٿي رهي آهي؟ عام طور تي سياري ۾ ڀاڄين جا اگهه گهٽ ٿيندا آهن، پر هن سال ڀاڄيون مهانگيون آهن واپارين مهانگائي کي منهن ڏيڻ لاءِ پنهنجو منافعو وڌائي ڇڏيو آهي، ان حوالي سان ٽاپ لائن سيڪيورٽيز جي سي اي او محمد سهيل جو چوڻ آهي ته قيمتون حقيقي معنيٰ ۾ گهٽ نه ٿيون آهن، ان ڪري عام ماڻهو جو نظريو معاشي ماهرن کان مختلف آهي، پاڪ-ڪويت انويسٽمينٽ ڪمپني جي ريسرچ سربراهه سميع الله طارق واضح ڪيو ته مهانگائي جي انگن اکرن ۾ گهٽتائي جو مطلب مهانگائي ۾ گهٽتائي آهي، حقيقي قيمتن ۾ گهٽتائي نه آهي، ڪراچي هول سيل گروسرز ايسوسيئيشن جي چيئرمين عبدالرئوف ميمڻ چيو آهي ته ضروري شين جا اگهه وڌي ويا آهن، جنهنڪري عوام پريشان آهي، اگهن تي ڪنٽرول لاءِ ڪارروائي جي ضرورت آهي،