ڪرم ۾ 80 ڏينهن کان رستا بند، مجلس وحدت المسلمين پاران ملڪ گير ڌرڻا

اسلام آباد/پشاور/ڪراچي/سکر/حيدرآباد (م ڊ/نمائندن وٽان)  ڪرم ۾ 80 ڏينهن کان رستن جي بندش سبب زندگي متاثر آهي، قبائلي جهيڙي کانپوءِ امن امان جي صورتحال معمول تي ناهي اچي سگهي. افغان بارڊر سميت پشاور شاهراهه ڪيترن ئي هفتن کان بند آهي. مقامي رهواسي دوائن ۽ خوراڪ جي کوٽ کي منهن ڏئي رهيا آهن. رستن جي بحالي لاءِ پاراچنار پريس ڪلب سميت پنجن هنڌن تي احتجاجي ڌرڻو جاري رهيو. جمعي نماز کانپوءِ به مختلف هنڌن تي ڌرڻا هنيا ويا. هوڏانهن ضلعي ۾ علاج ۽ سهولتون نه ملڻ سبب فوتي ٻارڙن جو انگ 120 ٿي ويو جڏهن ته حڪومت رستا کولڻ ۽ خوراڪ ۽ علاج جو انتظام ڪرم ۾ ناڪام ٿي وئي. ڪرم ۾ انٽري ٽيسٽ پڻ ملتوي ڪئي وئي. لاهور پريس ڪلب  ٻاهران ٽن ڏينهن کان ڌرڻو جاري رهيو جتي سيءَ باوجود عورتون ۽ مرد ڏينهن رات موجود رهيا. ڪراچي ۾ ڪرم ايجنسي جي خراب صورتحال خلاف مجلس وحدت المسلمين جي سڏ تي شهر جي مختلف علائقن ۾ ڌرڻا هنيا ويا، جن ۾ نمائش چورنگي، يونيورسٽي روڊ، قائدآباد پل، ملير ڪالا بورڊ، نارٿ ناظم آباد ۽ فائيو اسٽار چورنگي شامل آهن.ڌرڻن سبب ٽريفڪ جو نظام ڊانوانڊول ٿي ويو، ڪيترن ئي علائقن ۾ گاڏين جون ڊگهيون قطارون لڳي ويون. نمائش چورنگي تي چوٿين ڏينهن به احتجاج جاري رهيو، جنهن ۾ عورتن، ٻارن ۽ بزرگن شرڪت ڪئي. احتجاجي ڌرڻي ۽ ريلي کي مرڪزي اڳواڻ علامه حسن ظفر نقوي، علامه صادق تقوي، علامه مختار امامي، علامه رضا جعفري۽ ٻين خطاب ڪيو. اڳواڻن خطاب ڪندي چيو ته احتجاج پرامن آهي ۽ ملڪ مان دهشتگردي جي خاتمي تائين جاري رهندو. هنن چيو ته پاراچنار سميت ملڪ جو وڏو حصو اندرين ۽ ٻاهرين دشمنن ۽ سهولتڪارن جي اثر هيٺ آهي، آخري دهشتگرد جي خاتمي تائين اسان جو احتجاج جاري رهندو. ملير ڊسٽرڪٽ پريس ڪلب آڏو مولانا سيد ناصر حسين نقوي جي اڳواڻي ۾ پاراچنار ۾ قتل عام ۽ رستن جي بندش خلاف سوين عورتن ۽ ٻارڙن احتجاج ڪيو. مولانا ناصر حسين نقوي خطاب ڪندي چيو ته پاراچنار ۾ دهشتگردي شيعن ۽ سنين جو گڏيل مسئلو آهي ۽ محافظ ادارا دهشتگردن اڳيان بيوس بڻيل آهن. رستن جي بندش سبب کاڌ خوراڪ ۽ دوائن جي کوٽ پيدا ٿي آهي، جنهن سان معصوم جانيون ضايع ٿي رهيون آهن. هنن خبردار ڪيو ته جيڪڏهن امن بحال نه ٿيو ته احتجاج جاري رهندو. لاڙڪاڻي ۾ شيعه علماءِ ڪائونسل طرفان جعفري امام بارگاهه کان جناح باغ چوڪ تائين ريلي ڪڍي وئي، جتي ڌرڻو هنيو ويو. اڳواڻن علامه رياض حسين الحسيني، مولانا مشتاق حسين مشهدي، ۽ علامه عمران حسين چانڊيو ميڊيا سان ڳالهائيندي چيو ته 80 ڏينهن گذرڻ باوجود حڪومت دهشتگردن خلاف ڪاروائي ناهي ڪئي، پاراچنار جا رستا کوليا وڃن ۽ متاثرن کي تحفظ فراهم ڪيو وڃي.  ميرپورماٿيلي ۾ شيعه علماءِ ڪائونسل پاران امام بارگاهه حسينيا کان ريلي ڪڍي وئي. اڳواڻن جبار حسيني، مولوي اختر لنڊ ۽ ٻين مطالبو ڪيو ته فوري طور تي واقعن ۾ ملوث جوابدارن خلاف ڪارروائي ڪئي وڃي. نوابشاهه ۾ شيعه علماء ڪائونسل پاران مرڪزي امام بارگاھ کان پريس ڪلب تائين احتجاجي ريلي ڪڍي وئي. اڳواڻن مولانا ڪفايت ڪريمي ۽ زوار محمد حسين چانڊيو چيو ته دهشتگردن خلاف ڪارروائي ڪئي وڃي ۽ نااهل صوبائي حڪومت کي هٽايو وڃي. دادو ۾ شيعه علماءِ ڪائونسل ۽ مقامي انجمنن پاران پاراچنار جي مظلومن سان اظهار يڪجهتي لاءِ احتجاجي مظاهرو ڪيو ويو. مرڪزي امام بارگاھ حيدري کان دادو پريس ڪلب تائين نڪري ريلي جي اڳواڻي سيد فداحسين ڪاظمي، اشرف علي سخيراڻي ۽ ٻين ڪئي. جوهي ۾ شيعه علماءِ ڪائونسل پاران پاراچنار جي عوام جي حمايت ۾ احتجاجي ريلي ڪڍي وئي. اڳواڻن ظفر علي لغاري، مولانا علي نواز لغاري ۽ ٻين متاثرن جي تحفظ ۽ رستا کولڻ جي گهر ڪئي.  ميهڙ ۾ شيعا علماءِ ڪائونسل، اصغريه آرگنائزيشن، ۽ ٻين تنظيمن پاران علامه مجاهد حسين چانڊيو، مشتاق احمد چانڊيو ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ مرڪزي امام بارگاهه کان گهنٽا گهر ۽ نيشنل پريس ڪلب تائين احتجاجي ريلي ڪڍي وئي. نصيرآباد ۾ شيعه علماءِ ڪائونسل جي سڏ تي مسجد حسيني کان فاضل راهو چوڪ تائين ريلي ڪڍي ڌرڻو هنيو ويو. اڳواڻن مولوي ڪاظم رضا جويو، محمد ملوڪ لغاري ۽ عاشق علي جوڻيجو پاراچنار واقعي جي سخت مذمت ڪئي. خيرپور ناٿن شاھ ۾ شيعا علماءِ ڪائونسل پاران علامه عمران علي نجفي، آفتاب علي جروار ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ جامع مسجد امام زمانا کان نيشنل پريس ڪلب تائين ريلي ڪڍي وئي. نوشهروفيروز ۾ شيعه علماءِ ڪائونسل ۽ جعفريه اسٽوڊنٽس آرگنائيزيشن پاران پاراچنار ۾ دهشتگردي ۽ رستن جي بندش خلاف ريلي ڪڍي وئي. مٽياري ۾ شيعا علماءِ ڪائونسل پاران مسجد امام زين العابدين کان پريس ڪلب تائين ريلي ڪڍي وئي جنهن جي اڳواڻي علاما مولا بخش ھالائي، مولانا سيد قمبر علي شاه نقوي ۽ ٻين ڪئي. ٽنڊو محمد خان ۾ مجلس وحدت المسلمين پاران پاراچنار ۾ قتل عام خلاف حيدرآباد، بدين روڊ تي احتجاجي ڌرڻو هنيو ويو. اڳواڻن امير حسين رحماني ۽ ٻين ڌرڻي ۾ پاراچنار سانحي جي مذمت ڪئي. اڳواڻن گهر ڪئي ته رستن کي فوري بحال ڪيو وڃي ته جيئن مريضن کي علاج لاءِ پشاور منتقل ڪري سگهجي.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.