مسئلن ۾ گهريل هن ملڪ ۾ هونئن ته اڻ کٽ ۽ اڻ ڳڻيا مسئلا نه رڳو موجود آهن پر ڏينهون ڏينهن انهن ۾ خوفناڪ واڌ پڻ ايندي رهي ٿي . جنهن سان زندگي جا رستا نهايت ئي سوڙها ۽ تنگ ٿيندا پيا وڃن ڇاڪاڻ ته وفاقي توڙي صوبائي حڪومتون شهرين کي تحفظ فراهم ڪرڻ ۽ امن و امان جي صورتحال بهتر بڻائڻ لاءِ ڪڏهن ڪک ڀڃي ٻيڻو ئي ناهي ڪيو. وفاقي توڙي صوبائي حڪومتن کي امن بحالي جي سلسلي ۾ ناڪام ان لاءِ به چئي نٿو سگهجي ڇو ته انهن ڪڏهن به اهڙي قسم جي سنجيده ڪوشش ڪئي ئي ناهي. ڪنهن به شخص، اداري توڙي حڪومت لاءِ ڪاميابي يا ناڪامي جي حتمي راءِ تڏهن ئي قائم ڪري سگهبي آهي جڏهن اُها امن بحالي سميت ڪنهن به مسئلي کي نبيرڻ لاءِ ڪوشش ڪري جڏهن ته پاڪستان جي وفاقي توڙي صوبائي حڪومتن پاران اهڙو ڪو به قدم ناهي کنيو ويو جنهن سان دلجاءِ جوڳا نتيجا حاصل ٿين.
ان لاءِ امن و امان جي بگڙيل صورتحال ڏسي چئي سگهجي ٿو ته اها حڪومتن، خاص طور تي خيبرپختو خواه جي، ناڪامي نه پر نااهلي ۽ نالائقي آهي جتي پارا چنار جي علائقي ۾ ڪيترن ئي مهينن کان ڪرفيو جهڙو ماحول قائم ٿيل آهي. عام طور تي دنيا جي ملڪن ۾ سرڪار پاران ڪرفيون لاڳو ڪري شهرين کان آزادي جو حق ڦري کين گهرن تائين محدود ڪيو ويندو آهي پر پارا چنار نه رڳو خيبرپختوخواه پر دنيا جو واحد علائقو آهي جتي ويڙهاڪن پاران ڪيترن ئي مهينن کان ڪرفيو لاڳو ڪيو ويو آهي. جنهن سبب چارا چنار جو زميني رابطو ملڪ کان مڪمل طور تي ڪٽجي ويو آهي. جنهن سبب اتي کاڌ خوراڪ توڙي زندگي بچائڻ وارين دوائن توڙي سيءَ کان بچاءِ لاءِ گرم ڪپڙن جي سخت کوٽ پيدا ٿي وئي آهي. شهرين سخت تڪليف کي منهن ڏيڻ لڳا آهن بک ۽ بيماري وگهي ماڻهو خاص طور تي ابهم ٻارڙا مرڻ لڳا آهن، پر خيبرپختوخواه جي صوبائي حڪومت هن وقت تائين امن جي بحالي ته ٺهيو پر پوليس يا فوجي ڪانواءِ جو رستو به کولرائي ناهي سگهي. جنهن سان زندگي جي بنيادي ضرورت جون شيون پارا چنار جي ماڻهن تائين پهچايو وڃن.
ڪي پي ڪي جو وڏو وزير علي امين گنڊاپور سياسي اختلافن کي قبيلائي ۽ ذاتي دشمني کان به وڌيڪ سمجهي ٿو. جيڪو هٿياربند بڻجي اسلام آباد ڪاهه ڪرڻ جون ڌمڪيون گاڏڙ ڳالهيون ته اڪثر ڪندي رهي ٿو ۽ پنهنجي قائد عمران خان جنهن جي خلاف داخل ڪيس ملڪي عدالتن تي هلي رهيا آهن، ان کي جيل مان آزاد ڪرائڻ لاءِ ته سوين ڪارڪن وٺي پوليس اهلڪارن تي حملا ڪرائي ٿو پر گذريل اٽڪل ٻن مهينن کان پورو پارا چنار جيل بڻجي ويو آهي پر مجال آهي جو اتي ڪو لفظ ڪڇي يا گهرن ۾ ڦاٿل شهرين تائين ڪا امداد پهچائي.
پارا چنار واقعي متعلق صوبائي حڪومت ته سراسر غير ذميواري ڏيکاري رهي آهي پر تعجب جي ڳالهه اها آهي ته وفاقي حڪومت يا قانون لاڳو ڪندڙ ادارن به ڪو عملي طرح تحرڪ ناهي ورتو. جنهن سان دهشتگردن، جن بابت چيو پيو وڃي ته کين پاڙيسري ملڪ افغانستان جي شرپسندن جو تعاون حاصل آهي، جو حوصلو وڌيو آهي، ان سان گڏ ملڪ دشمن عناصرن ۽ عالمي طاقتن تائين جيڪو پيغام پهتو آهي اهو ملڪ توڙي عوام لاءِ ڪنهن به ريت چڱو ناهي ان سان ملڪي سالميت پڻ خطري ۾ پئجي سگهي ٿي. ڇاڪاڻ هٿياربند ڪيترن ئي هفتن کان مسلسل پارا چنار جي شهرين کي يرغمال بڻائڻ کان پوءِ اسلام آباد تي چڙهائي ڪرڻ لاءِ پيش قدمي به ڪري سگهن ٿا.
ڪوئيٽا ۾ رهندڙ هزاره برادري جي نسل ڪشي ڪرڻ لاءِ سندن قتلام کان پوءِ هاڻ ساڳي ئي ذهنيت رکندڙ دهشتگرد پارا چنار کي پنهنجو ٽارگيٽ بڻائي چڪا آهن نه ڄاڻ سندن اڳيون نشانو الائي ڪهڙو هوندو. ڇاڪاڻ ته اسان جا ادارا توڙي حڪومتون دهشتگردن جي چيلهه چٻي ڪرڻ جون دعوائون ته ڪندا رهيا آهن پر عملي طرح اسان کي ڪڏهن به ۽ ڪٿي به دهشتگرد ڪمزور ٿيندي نظر ناهن آيا. اهي پنهنجي هر ڪارروائي پهرين کان سخت ۽ منظم طريقي سان ڪرڻ ۾ ڪامياب ٿيندي ڏٺا ويا آهن. ظاهر ڳالهه آهي ته دهشتگردن جون عوام خلاف ڪامياب ڪارروايون حڪومت ۽ ادارن جي ناڪامي جو چٽو اهڃاڻ آهي.
ضرورت ان ڳالهه جي آهي ته پارا چنار جي صورتحال کي بهتر بڻائي معمول تي وٺي اچڻ لاءِ وفاقي حڪومت ۽ ادارن کي مداخلت ڪرڻي پوندي. ڇو ته پارا چنار جي هزارين شهرين جون زندگيون ٻارن جو مستقبل داءُ تي لڳل آهي.رپورٽون آهن ته ڌرڻي سبب متاثرن کي دوائون به نه ٿيون ملن جنهن ڪري 60 کان 100 تائين ٻار فوت ٿي ويا آهن. هاڻ ته ساڻن يڪجهتي لاءِ سڄي ملڪ ۾ ڌرڻا پڻ لڳي چڪا آهن جنهن مان اهو واضح اشارو ملي رهيو آهي ته ملڪ جون حالتون خراب ٿي خراب ۽ بدترين ٿيڻ طرف تيزي سان وڌي رهيون آهن. جنهن تي ڪنٽرول ڪرڻ وقت جي اهم ضرورت آهي. ٻي صورت ۾ اهو سڀ ڪجهه حڪومت توڙي ادارن لاءِ وڏو چئلنج بڻجي سامهون ايندو. جو ملڪ دشمن پرڏيهي قوتون اهو سمجهي رهيون آهن ته جيڪي ادارا يا حڪومت پاره چنار جي بگڙيل امن و امان واري صورتحال کي سنڀالي نٿيون سگهن. اهي سڄي ملڪ کي ڪيئي بچائي سگهندا. ان لاءِ امڪاني نقصان کان بچڻ لاءِ منظم حڪمت عملي جوڙي پارا چنار جي ويڙهاڪن خلاف سخت آپريشن ڪري حالتن کي معمول تي آڻجي نه ته ڳالهه ڳاٽي کان چڙهي ويندي .