عامر خان ۽ الو ارجن جي رَد ڪيل فلم سلمان خان جي ڪامياب ترين، ڏهوڻ تي ڪمائي!

ممبئي(ويب ڊيسڪ) باليووڊ جي ڀائيجان جي سڀ کان وڏي ڪامياب فلم لاءِ عامر خان ۽ الو ارجن انڪار ڪيو هو.

ڀارتي ميڊيا جي رپورٽن موجب عامر خان ۽ الو ارجن طرفان رد ڪيل فلم کي سلمان خان قبول ڪيو هو، جنهن بجيٽ کان ڏهوڻ تي ڪمائي ڪئي هئي.

سلمان خان جي سڀ کان وڌيڪ فلمون سئو ڪروڙ جو حصو بڻيون آهن پر ان جي هڪ اهڙي ڪامياب فلم آهي جيڪي شهرت توڙي ڪمائي ۾ تمام اڳتي آهي.

ڀارتي ميڊيا جو چوڻ آهي ته سلمان خان جي فلم بجرنگي ڀائي جان باڪس آفيس تي خرچ ڪيل بجيٽ کان ڏهوڻ تي ڪمائي ڪئي هئي، جنهن ۾ڪم ڪرڻ کان عامر خان ۽ الو ارجن انڪار ڪيو هو.

باليووڊ جي ڀائيجان کان اڳ فلم ساز ڪبير خان عامر خان ۽ الو ارجن سان مرڪزي ڪرادار ادا ڪرڻ لاءِ رابطو ڪيو هو.

عامر خان فلم ۾ تبديلي جو مطالبو ڪيو هو جيڪو ڪبير خان قبول نه ڪيو هو، اهڙي ريت الو ارجن به ٻين فلمن جي مصروفيت جي ڪري ان فلم ۾ ڪم ڪرڻ کان انڪار ڪيو هو.

نوي ڪروڙ ۾ٺهندڙ فلم ڀارت ۾ ٽي سئو ويهه جڏهن سڄي دنيا ۾ نَوَ سئو ٻاويهه ڪروڙ رپيا ڪمايا هئا.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.