شهدادڪوٽ (رپورٽ: ثمر ڀٽي) شھدادڪوٽ ڀرسان سنجر ڀٽي ٿاڻي جي حد ۾ نامعلوم ھٿياربندن جي ٽولي خانگي ڊاڪٽر کان موٽر سائيڪل ڦر ڪرڻ جي مزاحمت تي کيس گوليون هڻي قتل ڪري ڇڏيو، سنجر ڀٽي ڳوٺ جو رهواسي 35 ورهين جو خانگي ڊاڪٽر ذوالفقار علي بروهي خميس واري رات جو موٽر سائيڪل تي ڳوٺ اچي رهيو هو ته سنجر ڀٽي ٿاڻي کان هڪ ڪلوميٽر فاصلي تي واقع ڳوٺ صاحب خان جي وانڊ وٽ اڳ ئي رسن سان بلاڪ ٿيل روڊ وٽ ڏوهارين کيس روڪي موٽر سائيڪل ڦر ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي جنهن جي مزاحمت تي ڦورن گوليون هڻي کيس زخمي ڪري ڇڏيو ۽ واقعي بعد فائرنگ ڪندا فرار ٿي ويا، جڏهن ته فائرنگ جي آواز تي آس پاس جا ڳوٺاڻا پھچي ويا جن زخمي ڊاڪٽر کي شهدادڪوٽ تعلقي اسپتال کڻائي آندو جتي زخمن جا سور نه سھندي هو فوت ٿي ويو، ان موقعي تي اسپتال ۾ موجود مقتول جي وارثن صحافين کي ٻڌايو ته 10 کان وڌيڪ ھٿياربند ڊاڪٽر کي مزاحمت تي گوليون هڻي قتل ڪيو،پوليس ڪک ڀڄي ٻيڻو ناهي ڪيو، اعليٰ اختياريون نوٽيس وٺن.