عمران خان جي ڀاڻيجي حسان سميت 60 جوابدارن کي سزائون

راولپنڊي (م ڊ) ملٽري ڪورٽ نوَ مئي حملن ۾ ملوث وڌيڪ عمران خان جي ڀاڻيجي سميت 60 جوابدارن کي سزائون ٻڌائي ڇڏيون، پاڪ فوج جي ترجمان اداري آءِ ايس پي آر موجب، 9 مئي سانحي ۾ ملوث وڌيڪ جوابدارن کي فيلڊ جنرل ڪورٽ مارشل سپريم ڪورٽ جي حڪم جي روشني ۾ قانون موجب  ڏنيون آهن، جناح هائوس حملي ۾ ملوث حسان خان نيازي ولد حفيظ الله نيازي کي 10 سال سخت پورهئي سان قيد جي سزا ڏني وئي، آءِ ايس پي آر موجب، ميان عباد فاروق ولد امانت علي کي 2 سال، رئيس احمد ولد شفيع الله کي 6 سال، ارزم جنيد ولد جنيد رزاق کي 6 سال، علي رضا ولد غلام مصطفيٰ کي 6 سال، راجا دانش ولد راجا عبدالوحيد کي 4 سال، ۽ سيد حسن شاهه ولد آصف حسين شاهه کي 9 سال سخت پورهئي سان قيد جي سزا ٻڌائي وئي، اي آءِ ايم ايڇ راولپنڊي تي حملي ۾ ملوث علي حسين ولد خليل الرحمان کي 7 سال، پنجاب رجمنٽ سينٽر مردان تي حملي ۾ ملوث زاهد خان ولد محمد نبي کي 2 سال، ۽ هيڊڪوارٽر دير اسڪائوٽس تي حملي ۾ ملوث سهراب خان ولد رياض خان کي 4 سال سخت پورهئي سان قيد جي سزا ڏني وئي، ان کانسواءِ جناح هائوس حملي ۾ ملوث بريگيڊيئر (ر) جاويد اڪرم ولد چوڌري محمد اڪرم کي 6 سال، ملتان ڪينٽ چيڪ پوسٽ حملي ۾ خرم لياقت ولد لياقت علي شاهه کي 4 سال، ۽ قلعو چڪدره حملي ۾ ذاڪرحسين ولد شاهه فيصل کي 7 سال قيد بامشقت جي سزا ٻڌائي وئي، ياد رهي ته ڪجهه ڏينهن اڳ به فوجي عدالت 9 مئي جناح هائوس ڪيس ۾ 25 جوابدارن کي سزائون ٻڌايون هيون، آءِ ايس پي آر جو چوڻ آهي ته سزائون سمورين شاهدن جي مڪمل جاچ پڙتال، جوابدارن کي قانوني حق جي فراهمي سميت قانوني گهرجون پوريون ڪندي ڏنيون ويون آهن، ملٽري ڪورٽ طرفان جوابدارن کي سزائون تي يورپي يونين، آمريڪا ۽ برطانيا خدشا ظاهر ڪيا هئا، جڏهن ته پاڪستان تحريڪ انصاف انهن فيصلن کي آئين سان ٽڪراءَ قرار ڏيندي چئلينج ڪرڻ جو اعلان ڪيو هو، ٻي پاسي فوجي عدالتن مان 9 مئي جي وڌيڪ 60 جوابدارن کي سزا تي تحريڪ انصاف چيئرمين بيرسٽر گوهر چيو آهي ته انهن سزائن خلاف اپيلون داخل ٿينديون، نجي ٽي وي چينل سان ڳالهائيندي بيرسٽر گوهر چيو اسان جو مطالبو آهي ته 9 مئي ۽ 26 نومبر جي واقعن تي جڊيشل ڪميٽي جوڙي وڃي، جڏهن ته سپريم ڪورٽ کي گهرجي ته ملٽري ٽرائل بابت ڪيس جو جلد فيصلو ڪري، هن چيو ته اسان انهن سزائن خلاف اپيلون داخل ڪنداسين، جڏهن ته انفرادي طور تي به انهن سزائن خلاف اپيلون داخل ٿينديون.

 

 

 

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.