اسلام آباد(اعزاز سيد+فخر دراني)ملڪ جي مقبول اڳواڻ محترمه بينظير ڀٽو جي شهادت ۾ فوج،ايجنسين،طالبان،جنرل(ر)پرويز مشرف،آصف علي زرداري تي الزام لڳندا رهيا آهن،بينظير ڀٽو جڏهن دبئي ۾ هئي تڏهن طالبان اڳواڻ بيت الله محسود سان ويجهڙائي رکندڙ فاٽا جي سينيٽر صالح شاهه هڪ صحافي کي انٽرويو ۾ چيو هو ته بينظير ڀٽو ته لبرل آهي مون هن جي ”آجيان“ لاءِ ايئرپورٽ تي ماڻهو موڪلي ڇڏيا آهن،ڊيلي ٽائمز اخبار ۾ ليڊ خبر لڳي ته بيت الله محسود بينظير ڀٽو تي حملي لاءِ خودڪش حملي آور موڪلي ڇڏيا آهن،18 آڪٽوبر تي ڪارساز ۾ بينظير ڀٽو تي آپگهاتي حملو ڪيو ويو،27 ڊسمبر تي بينظير ڀٽو اسلام آباد ۾ ايف ايٽ ۾ پنهنجي گهر ۾ هئي،ان وقت آءِ ايس آءِ جو سربراهه جنرل نديم تاج هو،27 ڊسمبر کان هڪ رات اڳ جنرل نديم تاج بينظير ڀٽو ويو ۽ کيس ٻڌايو ته اسان وٽ اطلاع آهن ته توهان تي حملو ٿي سگهي ٿو توهان لياقت باغ جلسي ۾ نه وڃو،بينظير ڀٽو ان تجويز سان اتفاق نه ڪيو ۽ چيو ته مان واعدو ڪري چڪي آهيان،مان جلسي ۾ ضرور ويندس،ان وقت ملٽري انٽليجنس جو سربراهه جنرل نديم اعجاز مير هو ،هو مشرف جي گهرواري جو مائٽ هو،آرمي چيف جنرل اشفاق ڪياني هو،27 ڊسمبر جي صبح جو بينظير ڀٽو جي ان وقت جي افغان صدر حامد ڪرزئي سان ملاقات ٿي،حامد ڪرزئي به بينظير ڀٽو کي ٻڌايو ته توهان جي جان کي خطرو آهي پر ان جي باوجود بينظير ڀٽو جلسي ۾ وئي ۽ آپگهاتي حملي ۾ شهيد ٿي وئي، نوازشريف تڏهن روئيندو اسپتال وڃي رهيو هو،تڏهن سياست ۾ رواداري هئي،اهي تڪليف ڏيندڙ منظر هئا،ان وقت رحمان ملڪ ۽ بابر اعواڻ جون سرگرميون مشڪوڪ رهيون پر حملي وقت اهي بوکلائجي ويا هئا،سي ٽي ڊي ان ڪيس جي پهرين تصديق ڪئي،ان وقت ٻن پوليس آفيسرن سعود عزيز ۽ خرم شهزاد تي الزام لڳا ته انهن واقعي واري هنڌ کي جلد ڌوئي ڇڏيو ۽ ثبوت مٽائي ڇڏيا،آر پي او سعود عزيز جواز ڏنو ته جيالا جذباتي ٿي ويا هئا ۽ اتان رت پنهنجي منهن تي لڳائي رهيا هئا،ايف آءِ اي خالد قريشي جي سربراهي ۾ جاچ ڪئي،فيبروري 2008ع۾ ڊي آءِ خان مان هڪ آپگهاتي حملي آور اعتزاز کي پڪڙيو ويو،بعد ۾ شير زمان ۽ ٻيا گرفتار ڪيا ويا،پوءِ خبر پئي ته ان ۾ طالبان، القاعده ۽ اسامه بن لادن جو به هٿ هو، القاعده ۽ ڪالعدم ٽي ٽي پي بعد ۾ ان الزام کي تسليم ڪيو،نور ولي محسود ڪتاب ۾ مڃيو ته بينظير کي اسان قتل ڪيو آهي،اسامه بن لادن جي گهر مان مليل هڪ چٺي ۾ به اسامه بن لادن کي لکيل خط ۾ چيو ويو ته مبارڪ هجي،پنڊي ۾جيڪو واقعو ٿيو اهو اسان جي ڇوڪرن ڪيو آهي،ان واقعي ۾ آصف زرداري تي مڙهيل الزام غلط هو،اها سازشي ٿيوري آهي،پورو سنڌ ٻري رهيو هو آصف زرداري تڏهن اعلان ڪيو ته پاڪستان کپي،عدالت ۾ ڪيس جي پيش ڪيل چالان ۾ مشرف جو نالو به شامل هو،پر مشرف جو طالبان سان ڳٺ جوڙ ثابت نه ٿيو هو،ڪيس جي جاچ ڪندڙ ايف آءِ اي آفيسر خالد قريشي هڪ ايماندار آفيسر هو،اسڪاٽ لينڊ پنهنجي جاچ ۾ اها ڳالهه ڪئي ته بينظير ڀٽو گاڏي جي هيڪس لڳڻ سبب شهيد ٿي کيس ڪا به گولي نه لڳي هئي،سوال اهو آهي ته فوج ۽ ايجنسين مان ڪي اهڙا ماڻهو هئا جيڪي شدت پسندن سان مليل هئا،جواب ها ۾ آهي ان جو ثبوت اهو آهي ته اسامه بن لادن جي ايبٽ آباد ۾ قيام جي جيڪا ڪهاڻي آهي اها اڄ تائين سامهون ناهي آئي،هو اتي ڪيئن رهي رهيو هو؟ايبٽ آباد ڪميشن به ٻوٽو نه ٻاريو،گڏيل قومن جي ڪميشن به ان واقعي جي جاچ ڪئي پر تڏهوڪي آرمي چيف جنرل اشفاق ڪياني،آءِ ايس آءِ سربراهه نديم تاج ۽ ايم آءِ سربراهه نديم اعجاز ان ٽيم سان ملڻ کان انڪار ڪيو،ڪميشن پنهنجي رپورٽ ۾ ٽنهي جو ذڪر ڪيو آهي،جنهن ڏينهن اها خبر پئي ته اسامه بن لادن کي ايبٽ آباد ۾ ڪنهن رکيو هو ان ڏينهن اها به سڌ پئجي ويندي ته بينظير جو اصل قاتل ڪير آهي؟طالبان ته رڳو گولي هلائي يا ڌماڪو ڪيو،القاعده سهولتڪاري ڪئي،اداري اندر اهڙا عنصر هئا جن جا انهن سان رابطا هئا.
نوٽ: هي تجزيو، روزاني عوامي آواز، جمعو 27 ڊسمبر 2024ع تي شايع ٿيو