اسلام آباد(عمران شفقت) صورتحال کي ڏسندي لڳي پيو تھ پاڪستان جي فوج دنيا جي سپر پاور ۽ ان جي اتحادين سان پوري ريت منھان منھن ٿيڻ جو فيصلو ڪري ورتو آھي. معاملو اھو آھي تھ 25 ماڻھن کي سزا تي پوري دنيا ۾ واويلا ٿي ھئي پي ٽي آئي جي سوشل ميڊيا ٽيم بھ وڏو ماتم ڪندي رھي تھ ھي ظلم ٿي ويو. يورپي يونين ان تي ڳڻتي ظاھر ڪئي،اصولي طور اھي معاملا سويلين عدالتن ۾ ٿيڻ گھرجن .اسان جو نظام انصاف درست ھئڻ گھرجي پاڪستاني فوج جنھن جو عدالتن سان ڳٺ جوڙ ھيو ان کي بھ ھاڻِ انھن مان انصاف جي اميد ناھي ان جي ڪري معاملا ملٽري ٽرائل ڏانھن ويا پاڪستاني عدالتون گھر ويٺي تحريڪ انصاف ۽ عمران خان کي انصاف نھ ڏين اھي درست نتيجي ۾ انصاف فراھم ڪن. ھن وقت جيڪو يورپي يونين، برطانيھ ۽ آمريڪا پاران فوجي عدالتن کي نشانو بڻايو ويو آھي سو انساني حقن جو معاملو آھي انصاف جو ناھي. اصل ۾ عمران بھانو آھي پاڪستان نشانو آھي،جيڪڏھن فوجي عدالتون عالمي برادري جو مسئلو ھجن ھا تھ عمران دور ۾ 29 ماڻھن کي ملٽري ڪورٽس مان سزائون ٿيون پنجن ڇھن کي موت جي سزا بھ آئي ان وقت پي ٽي آءِ وڪالت ڪندي ھئي ان وقت آمريڪا برطانيھ اعتراض نھ وريو. ھن وقت پاڪستان جي فوج ان اعتراض کي ردي حوالي ڪر ي ڇڏيو آهي. پاڪستان ان بليڪ ميلنگ ۾ نھ ايندو. پاڪستان جي رياست ان بليڪ ميلنگ ۾ نھ ايندي. مسئلو ايٽم بم آھي، ميزائل ٽيڪنالاجي آھي ۽ اسرائيل کي تسليم ڪرڻ آهي. طالبان طرفان اسرائيل جي غزا ۾ڪارروائي ۽ شام صورتحال تي ھڪ مذمتي بيان ناھي آيو سڀاڻي آمريڪا آرڊر ڏيندو تھ اھي ئي طالبان ٽي ٽي پي سان گڏجي پاڪستان جي قبضي جي ڪوشش ڪندا. جيڪڏھن توھان طالبان سسٽم نھ ٿا چاھيو تھ فوج جي حمايت ڪريو.سوال اھوآھي تھ آمريڪا طالبان کي ڊالر ڇو ٿو ڏئي۽ 85 ارب جا ھٿيار ڇو ڇڏي ويو آھي؟سموري معاملن بعد ملٽري ڪورتس پاران 60 جوابدارن کي سزائون ٻڌايون ويون آھن مجيب الرحمان شامي تائين سڀني ڪوشش ورتي پر رائيگان ٿي ھڪ ريٽائرڊ ميجر حسان نيازي کي سپورٽ ڪندو رھيو اھو ميجر بھ ھاڻي فوج ۾ ناھي رھيو. وزيراعظم جي جاسوسي ڪندڙ ميجر ارسلان فيض حميد کي خبرون ڏيندو ھيو پڪڙجي پيو ان کي شھبازشريف فوج کان معافي ڏياري ڇڏي پوءِ خبر پئي تھ 9 مئي ۾ فيض حميد ملوث ھيو ۽ ميجر ارسلان بھ ان ۾ شريڪ ھئو. ھاڻي اھو پڪڙجي پيو آھي ۽ تحويل ۾ آھي.ان ۾ عباد کي بھ سزا آئي آھي. ٻن جوابدارن سيد حسن شاھ ۽ دانش مان ھڪ ڪرنل جو ڀاءُ آھي ھڪ کي چار سال ھڪ کي 9 سال سزا آئي آھي. معاملا اڳتي وڌندا ۽ دٻاءٌ قبوليو نھ ويندو. فيض حميد جو ٽرائل 24 ڪلاڪ ھلي رھيوآھي. 9 مئي جا جيترا بھ شريڪ آھن پلانر ماسٽر مائنڊ سڀني کي سزا ايندي. عمران جي قسمت آھي جو ان جو معاملو سڀ سول عدالت ۾ ھلائڻ گھرن ٿا.
نوٽ: هي تجزيو، روزاني عوامي آواز، جمعو 27 ڊسمبر 2024ع تي شايع ٿيو