اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) وزيراعظم شهباز شريف چيو آهي ته پاڙيسري طور افغانستان سان سٺا لاڳاپا چاهيون ٿا، پر بدقسمتي سان ڪالعدم ٽي ٽي پي اڃا تائين اتان کان آپريٽ ڪري رهي آهي، جيڪو ناقابل قبول آهي.
وفاقي ڪابينا جي اجلاس دوران وزيراعظم شهباز شريف چيو ته پاراچنار ۾ وفاقي حڪومت هيليڪاپٽر ذريعي دوائون فراهم ڪيون، جڏهن ته هيليڪاپٽر ذريعي ڪرم کان مريضن کي اسلام آباد منتقل ڪيو ويو.
هن چيو ته سيڪيورٽي فورسز دهشتگردي خلاف مڪمل طور تي متحرڪ آهن ۽ اسان جي خواهش آهي ته افغانستان سان لاڳاپا بهتر ٿين، پر بدقسمتي سان پابندي مڙهيل تنظيم ٽي ٽي پي اڃا تائين افغانستان کان آپريٽ ڪري رهي آهي.
شهباز شريف چيو ته افغانستان سان اسان جي ڊگھي سرحد آهي، ۽ اسان چاهيون ٿا ته ٻئي ملڪ معاشي ۽ ٻين شعبن ۾ هڪ ٻئي سان سهڪار ڪن، پر افغانستان کان دهشتگرد پاڪستان ۾ حملو ڪري رهيا آهن.
هن چيو ته افغانستان کي ڪيترائي ڀيرا چيو آهي ته جيڪڏهن اتي کان ڪالعدم تنظيم آپريٽ ڪري ٿي ته اهو قبول ناهي ۽ افغان حڪومت کي اهو به چوڻ چاهيان ٿو ته دهشتگردي خلاف اثرائتي حڪمت عملي تي ڳالهين لاءِ تيار آهيون. پاڪستان پنهنجي سالميت جي ڀرپور دفاع جو حق رکون ٿا.
Prev Post
You might also like