”اهو ڏينهن پري ناهي جڏهن شهيد بينظير ڀٽو جو انصاف تي ٻڌل پاڪستان جو خواب حقيقت بڻجي ويندو“

ڪراچي (ويب ڊيسڪ ) پيپلز پارٽيءَ جي چيئرمين بلاول ڀٽو زرداريءَ چيو آهي ته اهو ڏينهن پري ناهي جڏهن شهيد بينظير ڀٽو جو انصاف تي ٻڌل پاڪستان جو خواب حقيقت بڻجي ويندو.
شهيد بينظير ڀٽو جي 17هين برسيءَ جي موقعي تي، بلاول ڀٽو زرداريءَ پنهنجي والده جي بي مثال قربانين کي ڀيٽا پيش ڪندي چيو ته بي بي شهيد جي زندگي بهادري، استقامت ۽ پاڪستانين لاءِ اميد جي علامت هئي.
هن چيو ته بي بي شهيد رڳو سياسي شخصيت نه پر هوءَ مظلوم، محڪوم ۽ پٺتي پيل طبقي لاءِ اميد جو ڪرڻو هئي.
بلاول ڀٽو زرداريءَ چيو ته ذوالفقار علي ڀٽو جيان، بي بي شهيد عوام جي طاقت تي يقين رکندي، مشاورت ، شين کي مختلف طريقي سان پرکڻ ۽ سمجهڻ جي فلسفياڻي سوچ سان هڪ جديد ۽ روشن پاڪستان جو بنياد رکيو.
هن چيو ته بي بي شهيد جو خواب هڪ جهموري، ترقي پسند ۽ گڏيل پاڪستان جو هو، جنهن ۾ هر شهري کي برابري جا موقعا ۽ وسيلن تائين پهچ حاصل هجي.
بلاول ڀٽو زرداريءَ پنهنجي والده جي انساني آزادي ۽ جهموري قدرن جي فلسفي تي عمل ڪرڻ جو عزم ورجائيندي چيو ته اسان دهشتگردي، انتهاپسندي ۽ ملڪ جي استحڪام کي خطري ۾ وجهندڙ ڪنهن به قوت خلاف جدوجهد جاري رکنداسين.
هن چيو ته بي بي شهيد جو ويزن فلسطين ۽ ڪشمير جهڙن عالمي مسئلن تي اسان جي رهنمائي ڪندو رهندو.
بلاول ڀٽو ڪارڪنن ۽ قوم کي بي بي شهيد جي جهموريت، رواداري ۽ سماجي انصاف جي اصولن سان وابستگي جي تجديد جي اپيل ڪئي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.