بينظير کان پوءِ پاڪستان ۾ قيادت جو بحران آهي:صفدر عباسي

لاڙڪاڻو(عبدالوحيد ابڙو) لاڙڪاڻي اڳوڻي سينيٽر ۽ جي ڊي اي جي مرڪزي جنرل سيڪريٽري ڊاڪٽر صفدر علي عباسي پنهنجي گهر واري اڳوڻي ايم اين اي ۽ شهيد محترمه بينظير ڀٽو جي پوليٽيڪل  سيڪريٽري ناهيد خان سان گڏجي شهيد محترمه بينظير ڀٽو جي 17 هين ورسي جي موقعي تي کيس ڀيٽا پيش ڪرڻ لاءِ ڳڙهي خدابخش ڀٽو پهتا جتي هنن شهيد محترمه بينظير ڀٽو، شهيد ذوالفقار علي ڀٽو سميت ٻين شهيدن جي مزارن تي حاضري ڀري گلن جون چادرون چاڙهي فاتح خواني پڻ ڪئي. ان موقعي تي ميڊيا سان ڳالهائيندي جي ڊي اي جي مرڪزي جنرل سيڪريٽري ڊاڪٽر صفدر علي عباسي چيو ته شهيد محترمه بينظير ڀٽو جي شهادت کان پوءِ ملڪ ۾ سياسي ۽ ليڊرشپ جو جيڪو خال پيدا ٿيو جيڪا ڳالهه اسين ڪافي عرصي کان ڪندا پيا اچون جيڪا ڳالهه عام ٿي وئي آهي ته هن وقت ملڪ ۾ ڪو به اهڙو سياسي ليڊر ناهي جيڪا پاڪستان کي نئون رخ ڏئي سگهي، اها پاڪستان جي تاريخ جو امر آهي ته 17 ورهيه گذرڻ جي باوجود اسان کي خبر ناهي ته شهيد محترمه بينظير ڀٽو جا قاتل ڪير هئا؟ هن چيو ته سانحه ڪارساز جي ڳالهه ڪجي ته گذريل 18 سالن کان سنڌ جي حڪومت پاڪستان پيپلز پارٽي وٽ آهي اها اڃان تائين هن واقعي تي ٻڏتر جو شڪار آهي ۽ جيڪو خط شهيد محترمه بينظير ڀٽو پرويز مشرف کي لکيو هو ان تي به اڃان تائين ڪا به ڪاروائي نه ٿي سگهي آهي ۽ اسين شهيد محترمه بينظير ڀٽو جي قتل واري معاملي تي اڃان تائين اتي ئي بيٺا آهيون ان جا ڪهڙا ڪارڻ آهن؟ ناهيد خان چيو ته پاڪستان پيپلز پارٽي جي 5 سال وفاق ۾ حڪومت هئي، صدر ۽ وزيراعظم به پيپلز پارٽي جا هئا ان وقت سڀئي ايجنسيون، گهرو کاتي کان وٺي انٽيليجنس ايجنسيز پيپلز پارٽي جي ماتحت هيون پر بدقسمتي سان اهو تاريخ جو اهو ڪارو داغ آهي جيڪو هميشه پيپلز پارٽي ۽ ان جي حڪومت جي نالي تي رهندو ته پنج سال حڪومت هوندي به پنهنجي قائد شهيد محترمه بينظير ڀٽو جنهن جو قتل ڏينهن ڏٺي جو ٿيو هو پر ان واقعي جي سنجيدگيءَ سان جاچ نه ڪئي وئي، مان اِها ئي دعا ڪنديسن ته خدا هن ملڪ جو خير ڪري ۽ محترمه جا قاتل ضرور بي نقاب ٿيڻ گهرجن.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.