سنڌ کي حصي جي بجيٽ ملڻ گهرجي:مراد شاهه

سکر(رپورٽ:رستم انڍڙ) سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاھ  سکر ايئرپورٽ تي ميڊيا سان ڳالهه ٻولهه ڪندي چيو آهي ته اڄ  شهيد بينظير ڀٽو جي ورسي کي صدر پاڪستان، چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري، گورنر ڪي پي ڪي ۽ گورنر پنجاب خطاب ڪندا، هن وڌيڪ چيو ته ايندڙ اليڪشن ۾ بلاول ڀٽو زرداري وڏي اڪثريت سان ضرور وزيراعظم چونڊجي ايندو، سنڌ صوبي کي جاري ٿيل رقم اڃا مڪمل رليز ناهي ٿي، سنڌ صوبي کي پنهنجي حصي جي بجيٽ ملڻ گهرجي، هن وڌيڪ چيو ته عمران خان ڪيس بابت آمريڪا نه پر هتان جا جج فيصلو ڪندا،  آمريڪا ججن جي فيصلن تي اثرانداز نٿي ٿي سگهي، عمران خان جيڪڏهن بيگناھ هوندو ته آزاد ٿي ويندو.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.