حڪومت ۽ اسٽيبلشمنٽ فوجي عدالتن تي عالمي دٻاءُ بابت اندازو لڳائڻ ۾ ناڪام؟

اسلام آباد(نجم سيٺي) فوجي عدالتن مان پي ٽي آءِ وارن کي سزائن تي عالمي پريشر جي حڪومت ۽ اسٽيبلشمينٽ کي توقع نھ ھئي ان جي ڪري ھنن رويو تبديل ڪيو آھي  اھي ماڻھو  فوجي ڪورٽن ۾ اپيل نھ ڪندا ۽ سپريم ڪورٽ واري فيصلي جو انتظار ڪندا. رڳو عالمي پريشر ناھي پر ميڊيا کڻو تھ  90 سيڪڙو  فوجي عدالتن  جي خلاف آھي،  اسٽيبلشمينٽ ۽ سرڪار اندر بحث ٿي رهيو آهي ته  تھ ھي جو ڪجھه ڪيو آھي ان جو مقصد حاصل ٿيو يا نھ ٿيو؟مقصد خان کي ڌمڪي ڏيڻ هو،سو ھنن کي اندازو نھ ھيو تھ ايترو عالمي پريشر ايندو. ماسٽر مائنڊ بابت توھان ڪي ثبوت ناھن ڏنا ۽ چئو ٿا تھ ساز ش ھئي تھ پوءِ ماسٽر مائنڊ تائين وڃڻ کان اڳ  ھنن کي سزائون ڪيئن ڏنيون؟ عمران جي پارٽي جي پروپيگنڊا  ملڪي ۽ عالمي سطح تي  ڪامياب ٿي رھي آھي ۽ جنھن جي ڪري صاحب اقتدار ۾ ۾ پريشاني ٿي رھي آھي. اڃان تائين ايترو پريشر بھ ناھي آھيو. جيڪو ھنن کي اڳ مھينو کن ڪرڻو ھيو اھو ھي ھاڻي ڪري رھيا آهن، جنھن وقت ڪانگريس کي 12 ميمبرن خط لکيو ھيو  ان وقت  ھنن کي اکيون کولڻ گھرجن ھا. واشنگٽن مان سفارتخاني ۽ آئي ايس آئي پاران ڪا بريفنگ نھ ڏني وئي. ھاڻي سفير کي گھرايو ويو آھي اھو اگر مھينو ٻھ اڳ ٿئي ھا تھ بھتر ھجي ھا، انھن کي پي ٽي آءِ لابي کي ڪائونٽر ڪرڻ لاءِ ڪا لابي  ھائر ڪرڻ کپي ھا. ھي ستل ھئا  تھ پي ٽي آءِ وارا ڇا ڪري سگھندا،انهن جا اندازا غلط نڪتا،  عمران ۽ سرڪار جي ڳالھين وچ ۾ جڊيشل ڪميشن ضرور جڙندي . باقي ڏسڻو پوندو تھ عمران  ڇا ٿو ڏئي ۽ ڇا ٿو وٺي.عمران خان جي  آزادي آمريڪي پريشر يا فوج جي پوئتي ٿيڻ جي نتيجي ۾ نھ ٿيندي صرف عدالت وسيلي ٿيندي.

نوٽ: هي تجزيو، روزاني عوامي آواز، جمعو 27 ڊسمبر 2024ع تي شايع ٿيو

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.