طاقت ورن پاران ڪيل حڪومتي بندوبست

تحرير: نصرت جاويد

بظاهر نظر اچي ٿو تھ  تحريڪ انصاف ۽ شهباز حڪومت وچ ۾ ڳالهيون  شروع ٿي ويون. حڪومت ڳالهين لاءِ جيڪا ڪميٽي ٺاهي آهي ان ۾ پنهنجي اتحادين کي به شامل ڪيو آهي. حڪومتي اتحاد ۾ شامل نه ٿيندڙ پيپلز پارٽي جا نمائندا به ڳالهين ۾ شامل آھن. ملڪي سياست جو هڪ ڊگهو عرصو شاهد هئڻ جي باوجود، مان اهو سمجهڻ کان قاصر آهيان ته تحريڪ انصاف حڪومت جي ٺاھيل ڪميٽي تي سوال ڇو نه اٿاريو آهي. ان جو راضي ٿيڻ اهو پيغام ڏئي رهيو آهي ته اسان جون سموريون سياسي پارٽيون چاهي اهي حڪومت ۾ هجن يا اپوزيشن ۾ گھٻرايل آھن، نام نهاد ”هاءِ برڊ“ سرشتو، جيڪو نه تتر آھي ۽ نه ئي ٻٽير آهي، انهن کي ثانوي درجو تي ڌڪو  ڏئي ڇڏيو آهي. انگريزي ٻولي جو  initiative  يا ڪنهن به قسم جي پيش قدمي انھن جي وس جي  ڳالھھ نھ آھي. ”مقتدرا“ سڏجندڙ اداري  ”حڪومتي بندوبست“ ٺاهڻ شروع  ڪري ڇڏيو آهي. صورت ۾  ”ماڻهن جي خواهشن“ جو ذڪر منافقت کان سواءِ ٻيو ڪجهه به ناهي.

سياستدانن جي خودغرضي ۽ شاھي خواھش برطانوي رياست جي جوڙيل  منظم ترين ادارن، يعني آفيسرشاھي ۽ فوجي قيادت کي سڀ کان وڌيڪ طاقتور بڻائڻ شروع ڪري ڇڏيو.آخرڪار 1958ع ۾ فيلڊ مارشل ايوب خان مارشل لا ذريعي اقتدار سنڀالي ورتو ۽ پاڪستان کي ان جي ”سرشت“ اصل مطابق آئين ڏئي،پورن  ڏهن سالن تائين بادشاهه وانگر راڄ ڪيو.ايترن ساالن تائين پکڙيل اھو راڄ نھ رڳو سياسي  پر معاشي استحڪام بھ فراهم نه ڪري سگهيو. ان جي ابتڙ ڪوريا جهڙن ملڪن جي آمرن جمهوري روايتن جو ڳلو دٻايو  پر پنهنجي ملڪ کي جاگيرداري نظام ۽ ثقافت کان آزاد ڪري جديد دور ڏانهن ڌڪي ڇڏيو. ان دور ۾ پکڙيل تعليم ۽ خوشحالي جي مهرباني سان  تازو ئي ڏکڻ ڪوريا جي صدر پاران لاڳو ڪيل مارشل لا ڪجھھ ڪلاڪ به نه رھي نھ سگھي. ان کي واپس وٺڻو پيو. ڏکڻ ڪوريا جي ابتڙ  ٿاءِ لينڊ جو ”حڪومتي بندوبست “ اڃا تائين بھ اتي جو بادشاه مقتدرا سان گڏجي  طئي ڪندو  آهي.

سچ ته اهو آهي ته پاڪستان جي عوام پنهنجي حقن لاءِ انتھائي مستقل مزاجي سان پنھنجي حقن جي  جدوجهد جاري رکي آھي. لاهور جي ديواني شاعر حبيب جالب رڳو ھڪ سٽ ۾ ئي  ايوب خان جي متعارف ڪرايل آئين  کي اڏئي ڇڏيو ھو..اسي دسترو ڪو ..صبح بي نور ڪو ..مين نھين مانتا..مين نھين جانتا..سندس نظم جو شروعاتي حصو ھو. ايوب خان جي زوال جي باوجود اسان جمهوري ادارن کي منظم نه ڪري سگهياسين. جمھوريت جو اصل بنياد سياسي  جماعتون ھونديون آھن. اهي صرف اسان وٽ ،ڪرشماتي شخصيتن جي مداحن ۾ تبديل ٿي ويون  آهن. پيپلز پارٽي   ڀٽو خاندان جي ٿي ت، مسلم ليگ جو ڪنٽرول شريف خاندان سنڀالي ورتو. ”موروثي سياست“ تي ٻڌل  انھن جماعتن  اقتدار ۾ وارو وٺڻ  شروع ڪيون ته عمران خان سندن ڪرشماتي متبادل طور اڀريو. آڪٽوبر 2011ع ۾ هو اسان جي نئين ”ديد ھ ور “ جي روپ ۾ مينار پاڪستان هيٺ هڪ ريلي ذريعي ظاهر ٿيو. آگسٽ 2018ع ۾ آخرڪار رياستي ادارن ۾ موجود ”خيرخواهن“ جي مدد سان  ھو وزارت اعظميٰ جي عهدي تي پهچي ويو ۽ آڪٽوبر 2021 تائين قمر جاويد باجوه سان ”سيم پيج“ تي اقتدار ۽ اختيار جو مزو ماڻيندو رهيو.

اپريل 2022 ۾ وزارت عظميٰ تان فارغ  ٿيڻ کان پوءِ هن کي اسان جي سياست جي اهم تلخين جو ادارڪ ٿيڻ شروع ٿيو. ”حقيقي آزادي“ حاصل ڪرڻ  جي لاءِ شهر شھر وڃڻ شروع ٿيو. ”حقيقي آزاديءَ“ جي جيڪا باهه هن ماڻهن جي دلين ۾ ٻاري ان آخرڪار 9 مئي اسان کي ڏني. هاڻي 9 مئي جي واقعن ۾ ملوث ڪجهه ماڻهن کي فوجي عدالتن پاران سخت سزائون ڏنيون ويون آهن. جن کي سزائون ميلون آھن انھن کي فيض احمد فيض مطابق ”تاريڪ راھون “ ۾ ماريا ويا آھن. انھن جي باري ۾ فڪرمند ٿيڻ بدران  تحريڪ انصاف پنهنجو هڪ به مطالبو  مڃرائڻ کانسواءِ حڪومت سان ڳالهين ۾ مصروف نظر اچي رھي آھي.

سياست جي ادنيٰ   شاگرد هوندي ، مون هميشه اصرار ڪيو آهي ته سياست ”حق ۽ باطل“ جي جنگ ناهي ھوندي اقتادر ۽ اختيار جي راند آھي ۽ آخرڪار ان جو ڳالهين جي ميز تي نڪرندو آهي. بهتر اھو ئي ھو تھ  تحريڪ انصاف اپريل 2022ع ۾ اقتدار وڃائڻ کان پوءِ به پارليامينٽ ۾ موجود رھندي اقتدار ۾ واپس اچڻ جو رستو ڳولي ھا .پر  تحريڪ انصاف جي باني ”انقلاب“ آڻڻ لاءِ نڪري پيو.ھن حقيقي آزاديءَ جا جيڪي خواب ڏيکاريا آهن، تن بيشمار نوجوانن کي ”پراڻي نظام“ مان هر صورت ۾ نجات حاصل ڪرڻ تي ڀڙڪايو آهي. انھن جا سينا جوش و جذبي سان  ڀريا پيا آھن. پر اهي اهڙي حڪمت عملي ڳولي نه سگهيا، جنھن سان  عوام کي اها اميد ڏياري سگھي تھ حڪومت جلد ”رضاڪارانه“ طور نئين چونڊون ڪرائڻ تي راضي ٿي ويندي ۽ اهي چونڊون صاف ۽ شفاف پڻ هونديون، جنهن جي نتيجي ۾ تحريڪ انصاف ٻيهر اقتدار ۾ اچي ويندي. مون کي ڊپ آهي ته ڳالهيون تحريڪ انصاف جي نوجوان مداحن جي دلين ۾ وڌيڪ مايوسي پکيڙينديون.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.