سرمد سنڌي نه صرف ھڪ قومي راڳي ھيو پر ڪيترين ئي دلين مالڪ ھيو ھو درد جي دوا ھيو ٻين جي دردن کي درد پنھنجو سمجھي ڳائيندو ھيو جڏھن به ڌرتي تي ڪنھن بيگناهه جو رَتُ ڦڙا ڦڙا ٿي وھندو ھيو ته اُن رَتَ کي ھو پَنھنجو رَتُ سمجهي ڳائيندو ھيو جنھن جي گيتن جي گونجار ۾ ماءُ پيار به سانڊيل ھيو ته اُن ماءُ ٻار لولي به شامل ھئي جيڪا ماءُ ٻار کي سمھڻ وقت ڏيندي ھئي ھِن جي گيتن ۾ سنڌ ھئي ۽ سنڌ گيت ھئي سرمد سنڌي راڳ جي ذريعي جيڪو پيغام سنڌ جي ماڻهن تائين پهچايو جيڪو اڄ به تاريخ زنده آھي اُتر جي ٿڌڙين ھوائن سان تعلق رکندڙ ضلعي خيرپور ميرس جي ننڍڙي ڳوٺ پريالوءِ ۾ 07 مئي 1958ع تي محمد حيات مغل جي گھر ۾ جنم وٺندڙ رحمٰن مغل جي نالي ھڪ شخص پيدا ٿيو جنھن اَڃا ڳالهائڻ سکيو ئي ڪونه ھيو ته مٿس ڪويل پنھنجي ٻولي ڏئي ڇڏي جيڪو پنھنجي من موهيندڙ آواز سان سنڌ جي عشق ۾ رنگجي ”سرمد سنڌي“ بڻجي ويو .
اُهو جنرل ضياءَ واري مارشلا وارو دور هيو جتي ڪيترن ئي اديبن ۽ قلمڪارن قلم ماٺ ٿي ۽ سچ لکڻ ۽ ڳالهائڻ کان ڪترائيندا ھئا ۽ رياست جو ڏاڍ ڏمر سبب ڪيترن سياسي وفاداريون تبديل ڪري رستا ڌار ڪيا اهڙي دور ۾ سرمد قومي گيتن سان پنھنجو آواز بلند ڪيو سرمد سنڌي قومي ڪاڄن ۾ سڄي سڄي رات بيهي قومي ۽ انقلابي گيت ڳائي خاص ڪري نوجوانن ۾ نئون ولولو ۽ جوش پيدا ڪندو سنڌي نوجوان پنڊال ۾ جهومندا ھئا ھِن پنھنجي قومي گيتن سان سنڌ جي نوجوانن ۾ سنڌيت جو روح ڦوڪڻ تي قانون لاڳو ڪندڙ ادارا مٿس ناراض به رهيا ۽ کيس راڳ جي دنيا ڇڏڻ يا حياتيءَ تان هٿ ڌوئڻ جون ڌمڪيون به ڏيندا رهيا پر سرمد ڪنهن به ڌمڪي ۾ نه آيو هِن منصوري آواز اڳتي وڌايو سندس شروعاتي آڊيو ڪئسٽن جا ڪيترائي البم رحمان مغل جي نالي سان آهن هِن پنهنجو پهريون آڊيو ڪئسٽ البم هڪ دوست جي نالي سان ڪڍيو ھو، ھو مختلف نالا بدلائي نوجوانن ۾ سنڌيت جو پيغام پهچائيندو رهيو ڪڏهن به پوئتي پير نه ڪيائين کيس ڪراچي ۾ رهڻ دوران ڪيترائي دفعا قتل جون ڌمڪيون پڻ مليون.
جيتوڻيڪ سرمد سنڌيءَ جا وڏا پنجاب کان اچي ھتي آباد ٿيا ھئا پر عملي طرح هِن پنهنجو پاڻ پنهنجي گھر ڀاتين ۽ پنهنجن ٻارن کي سنڌ ڌرتيءَ جي مٽيءَ سان رچائي ڇڏيو هو کيس سنڌ جي ڌرتي، ٻولي ۽ تهذيب سان بي انتها محبت هئي هِن سنڌين جي دلين جي ترجماني ڪئي سرمد سنڌي قومي پروگرامن جي دعوت جي ڪابه فيس وغيره نه وٺندو هو کيس ڪنهن قومي ڪاڄ جي دعوت نه به ملندي هئي ته به فرض سمجھي اُن پروگرام ۾ پاڻ مرادو هليو ويندو هو سندس دوستن کي چيل هوندو هو ته ڪنهن به سنڌيءَ جي دعوت ڏيڻ تي سندس اچڻ جي پڪ ڏئي ڇڏين هِن ڪڏهن به پئسن جي خاطر نه ڳايو پر پنهنجي دلي شوق جي پورائي ۽ ڌرتيءَ جو فرض سمجھندي ڳايو هِن شاهه لطيف سميت سچل سرمست شيخ اياز، استاد بخاري، زاهد شيخ، تاجل بيوس، آسي زميني، زخمي چانڊيو، سميع بلوچ، ڪوثر ٻرڙو، ڊاڪٽر مشتاق ڦل ۽ ٻين شاعرن جو ڪلام ڳائي سندن پيغام کي جھر جھنگ تائين پهچايو.
سرمد سنڌي جي زندگي ۾ ڪيترائي ڀيانڪ اھڙا حادثا پيش آيا پاڻ ھميشه امتحانن جو نشانو رھيو ھِن جو پھريون حادثو اپريل 1993ع ۾ سکر ويجهو ٿيو روڊ ايڪسيڊنٽ ۾ سخت زخمي ٿيو تڏهن به ھو گھر وڃڻ جي بجاءِ وھيل چيئر تي ھلي محفلن ۾ قومي گيت ڳائيندو رھيو ۽ سَڄي سنڌ گيتن جي گونجن ۾ جرڪندي نطر ايندي ھئي ڇو ته سنڌ ڌرتي جو عشق ھِن کي ماٺ ويھڻ ڪونه ڏيندو ھيو ھِن حادثي کانپوءِ سندس سنڌ ڌرتي سان اَڃا به وڌيڪَ پڪو پختو ٿي سنڌ قوم جي محبتن ۽ چاھتن ھِن کي نئين زندگي ڏني جنھن ھو پاڻڀرو ٿي ھلڻ لڳو وري ٽن سالن کانپوءِ ھڪ ٻيو اھڙو دردناڪ روڊ حادثو 27 ڊسمبر 1996ع تي پيش آيو جڏھن سرمد سنڌي بدين مان هڪ پروگرام ڪري ڪوسٽر ذريعي ڪراچي واپس وڃي رهيو هو ته ديوان شگر مل ٺٽي ويجھو ڪوسٽر جو ڪمند سان ڀريل هڪ ٽرڪ سان ٽڪر ٿي پيو جنهن ۾ هو سخت زخمي ٿي پيو ۽ کيس ڪراچيءَ نيو پئي ويو ته رستي ۾ ئي ساھ جو سڳو ٽٽي پيو اسان سنڌ واسين کان ھميشه لاءِ جسماني طور وڇڙي ويو. سرمد سنڌي جي وچوڙي کي 28 سال ٿي چُڪا آھن پر اسان کي سنڌ وارن کان اڄ به وسريو ناهي سنڌ جي ماروئڙن، جهانگيئڙن ۽ سانگيئڙن لاءِ چيل گيت اڄ به سنڌي قوم جي ترجماني ڪندا اچن ٿا اڄ سندس ورسيءَ جي موقعي تي قومي سلام پيش ڪجي ٿو.