شهيد محترمه بينظير ڀٽو کي ڀيٽا

تحرير: يوسف مرتضيٰ بلوچ

آمريتي ۽ سامراجي قوتون معاشري جي مختلف طبقن کي ويڙهائي ۽ ورهائي انهن جي ايڪي، اتحاد، عزم ۽ حوصلي کي پاش پاش ڪندي ملڪ خداد پاڪستان ۾ محبت، ڀائيچاري بدران نفرتن جا ڪيترائي اوڙاهه ٻاريا ويا آهن. فرقيواريت جي فضا قائم ڪري ڪٿي قوميتن جا ڏار وڌا ۽ نسل پرستي جي تلوار، ڪٿي زبان ۽ لسانيت جا وڇوڙا پيدا ڪندي دهشتگردن جا راڄ قائم ڪيا ته وري ڪٿي مافيائن کي جنم ڏنو، غير متوازي حڪومتن سبب هٿياربند ٽولن جو وجود نظر آيو انهن سمورن مسئلن ۽ مصيبتن جي پٺيان عالمي قوتون ۽ انهن جا مقامي ضمير فروش ايجنٽ ئي نظر ايندا، فاسد معاشري ۾ ڄاڻايل ڏچن کان گهڻو وڌيڪ خوفناڪ ۽ خطرناڪ معاشي، سياسي، اقتصادي سفارتي، داخلي ۽ خارجي صورت حال کي منهن ڏيڻ لاءِ اصل ۾ قيادت جي اڻاٺ، باصلاحيت ليڊرشپ جي اڻهوند، باشعور ٽرينڊ ميڪرز جي ڏڪار، رهنمائن جي عدم موجودگي ۽ رهبرم جي مرڪزيت جي  عدم دستيابي سبب انهن ڏچن ڪري ڏينهون ڏينهن واڌ ٿي رهي آهي.

سياسي منظرنامي تي قائداعظم محمد علي جناحرح جي عظيم الشان اڳواڻي کان ويندي قائد عوام شهيد ذوالفقار علي ڀٽو جي با عظمت شهادت، محترمه بينظير ڀٽو جي لازوال قرباني کان وٺي پُر عزم ۽ باصلاحيت جي باهمت ڪردار رکندڙ نوجوان چيئرمين پاڪستان پيپلزپارٽي ۽ ايم اين اي نوجوان قيادت بلاول ڀٽو زرداري مثالي موجودگي ۽ سندس احساس تائين ڪجهه مبهم سوالن جا معقول جواب ملي وڃن ٿا. پر وقت جي تيز رفتار ۽ عوام ٿاڦيل وفاقي سرڪار جي  خونخوار پاليسين ۾ شامل هلڪن پردن ۽ کليل محلاتي سازشن جي ڊگهي سفر ۾ اهي ئي نظارا نظر ايندا ته ڦورن، فاسقن ۽ فاجرن پنهنجي لڪل يا ظاهري طاقت جي ڏاڍ تي ڪڏهن به ڪو عوامي راڄ ملڪ اندر قائم ٿيڻ نه ڏنو آهي. ملڪ جو ڏتڙيل عوام به حقيقي جمهوريت کان فيضياب ٿي نه سگهيا آهن. جمهوريت کي پختو ڪرڻ گهرجي ته جيئن ملڪ جي انچ انچ  جي حفاظت سان گڏ عوام مهانگائي، بدامني جي طوفان ۽ بيروزگاري کان محفوظ بڻائي سگهجي.

ٻئي پاسي وري ملڪي سياست جي لاهن چاڙهن تي ڊگهي نگاهه ڪجي ته معلوم ٿي ويندو ته ملڪ جي ترقي ۽ خوشحالي، استحڪام عوام جي نيڪي ۽ ڀلائي سميت انهيءِ عظيم مشن جي پورائي لاءِ معاشري جي سمورن طبقن کي گڏ ڪري اڳتي وڌائڻ واري مرحلي ۾ شهيد جمهوريت محترمه بينظير ڀٽو جو ڪردار هڪ ٽڙيل گل جيان هر طرف سڳنڌ ۽ سرهاڻ ڏيندي نظر ايندو. شهيد راڻي اعليٰ تعليم جي مالڪياڻي، مثالي سکيا ورتل، عالمي صورتحال کان هر گهڙي باخبر رهندڙ ملڪ جي اندرين توڙي ٻاهرين حالتن کان شناسا ۽ نظرياتي سرحدن جي محافظ ليڊر هئي، هو ڄمندي ئي ڄام هئي ته باصلاحيت سبب شهيد محترمه بينظير ڀٽو ۾ اها خاصيت هئي ته ڪهڙي ماڻهو کي ڪهڙي هنڌ ويهاري سندس صلاحيتن مان فائدو وٺي سگهجي ٿو، هوءَ عالمي سياست جي لاهن چاڙهن کان آگاهه، عالمي نظرين، نظامن ۽ انتظامن تي گهري نظر رکندڙ ليڊر هئي، شهيد محترمه بينظير ڀٽو نه رڳو پنهنجي والد گرامي سميت ڪٽنب جي ٻين عظيم ڀاتين جي ميتن کي پنهنجن ڪلهن تي کنيو پر ڪارڪنن جي مڇريل سمنڊ کي به سنڀالڻ جي صلاحيت رکندي هئي. هن معاملي تي سڄي ملڪ جي عام سياسي ڪارڪنن، پورهيتن، هارين قلمڪارن، صحافين، شاعرن، وڪيلن ۽ ٻين دانشورن طبقن جي رهنمائي ڪئي. انهن کي هر هنڌ نئون حوصلو به ڏنو. عوام کي اهو به ٻڌايو ته آمرن ۽  شاطرن جو ڳاڻيٽو فقط آڱرين تي ڳڻڻ جيترو آهي. اهي بيوس، بدحال ۽ وائڙا به آهن. جڏهن ته هي ملڪ ماروئڙن جي امانت آهي، پيٺل طبقو مڙي مٺ ٿي اڳتي وڌي سگهاري هاٿي کي به شڪست ڏئي سگهي ٿو. سندس دل ۽ دماغ ۾ جديد تر، ترقي پسند، روشن خيال، خوشحال ۽ پُروقار پاڪستان جو نقشو موجود هو، جنهن ۾ ڏاڍ ۽ ڏهڪاءَ جو ڪو تصور به نه هجي! جنهن ۾ هر فرد کي بنيادي آزادي حاصل هجي. ڪيترن سانحن ۽ المين سان ٽمٽار اسان جي تاريخ جي اونداهن بابن ۾ ڪجهه هي سٽون به شامل آهن ته جنهن عظيم انسان هن ملڪ کي ايٽمي طاقت عطا ڪئي، عالمي طاقتن جي اشاري تي ان کي ڦاسيءَ چاڙهيو ويو، جنهن قابل ڏاهي ملڪ کي جوهري طاقت سان مالا مال ڪيو تنهن جي ان حد تائين تذليل ڪئي وئي جو هڪ ڀيري سڏڪا ڀريندي ان کي چوڻو پيو ته قدرت جيڪڏهن کيس ٻيو جنم ڏنو ته هو پاڪستان ۾ پيدا ٿيڻ پسند نه ڪندي! اهڙن ٻاجهارن ماڻهن جي ان روح رنجائيندڙ آواز تي اڄ سموري قوم شرمنده آهي. اهڙي ماحول کي قابل فخر ڪيئن بڻائي سگهجي ٿو، بيشڪ هي ڌرتي اسان جي ماءُ آهي، هي وطن اسان جو آکيرو آهي پر هن آکيري کي باهه لڳي آهي گهر جي ڏيئي منجهان!

شهيد راڻي جي وڇوڙي کي عددي اعتبار کان 17 ورهيه ٿيا آهن پر ان جي شخصيت جا رنگ اسان جي وجود سان سلهاڙيل آهن. هو بيباڪ ۽ بي مثال هئي. هوءَ کليل لفظن ۾ دوست کي دوست ۽ دشمن کي دشمن چوڻ جو ڏانءُ رکندي هئي، وطن جي ويڙهيچن، اقليتي آبادي، مظلوم عورتن پيارن پورهيتن، اهم ادارن سميت سڀني  مسئلن جي ڄاڻ ان کي ازلئون هئي، غلامي، غريبن جو مقدر نه پر آزادي انهن جي منزل آهي، ان حوالي سان هوءَ آفاقي سوچ جي مالڪ هئي.

1977ع کان 2007 تائين هن آمريت جي ٻن خطرناڪ دورن ۾ ٻن وڏن آمرن سان مهاڏو اٽڪايو، 1983 ۽ 1986 ۾ جمهوريت لاءِ جدوجهد ڪئي، تاريخي تحريڪون هلايون، ڊڪٽيٽرضياءَ شاهي جي دور ۾ سندس ابي کي تخت دار تي لٽڪايو ويو ۽ اقتدار تي قابض ڊڪٽيٽر پرويز مشرف جي دور ۾ شهيد محترمه بينظير ڀٽو کي پاڻ عوام کان الڳ ڪيو ويو، شهيد راڻي جان جو نذرانو ته ڏنو پر ڪنهن به آمر اڳيان نه جهڪي. هن هر ڀيري سمورين فسطائي قوتن، دهشتگردن، سامراجي پٺوئن ۽ آمرن کي بهادري سان للڪاريو. هوءَ عوامي بغاوت کي سياسي پاسو موڙي وٺندي هئي، هن اقتدار خاطر دين کي پنهنجي مفادن لاءِ استعمال ڪندڙ آمرن جي چهرن تي چماٽون هنيون ۽ کين بي نقاب ڪيو.

اسان اڃا وساري نه سگهيا آهيون ته ملڪي تاريخ جي ڪارن دورن ۾ عوامي مزاحمت کي چٿڻ لاءِ ڪارڪنن ۽ قلم ڪارن مٿان ڪهڙي نموني ڪوڙا وسايا ويا انهن کي جبري طور پورهيت طبقي کي سزائون مليون، آمريت جو ٻيو دور به زلتن ۽ وحشتن سان هر هنڌ ٽمٽار ڏسڻ ۾ اچي ٿو. هاڻي ته تاريخ ۾ انهن آمرن جو ڪوبه ماڻهو نالو به نه ٿو وٺي ڇاڪاڻ ته ڏاڍ ۽ ڏهڪاءُ واري ان مقتل گاهه ۾ ڪا گهڙي اهڙي به آئي جو رت تلوار مٿان سوڀارو ٿي ويو! ۽ آمراڻيون سازشون مٽيءَ ۾ ملي ويون، هڪ زمانو اسان کان فخر ايشيا شهيد ذوالفقار علي ڀٽو کسيو ۽ ٻئي دور ۾ شهيد راڻي محترمه بينظير ڀٽو اسان کان کسي وئي، ان جي جدائي جو غم به اسان مٿان قرض آهي! طاغوتي قوتن چاهيو هو ته اهي عوامي اڳواڻن کي مارائي پاڻ سدائين لاءِ اقتدار تي قابض ٿي ويهي رهنديون. پر وقت جي رفتار انهن مسخ ٿيل ڪردارن کي وقت جي يزيدن جيان ننگو ڪري ڇڏيو ۽ اهو ئي هميشه لاءِ فنا ٿي ويا، گهوٽالو اڃا به قيادت جو آهي. عالمي قوتن ۽ فوجي جنتائن سدائين عوامي اڳواڻي کان ڊڄي گدڙن کي شينهن  جو لباس پارائي هميشه شهرن طرف ڌڪيو آهي، انهن گدڙن  ته ناچ گاني جون محفلون سجائي فقط پنهنجا ڪرتب ئي  ڏيکاريا آهن ۽ وري ڪنهن نه ڪنهن منطقي انجام تي پهچي ماٺ ٿي ويا آهن. انهن جي خاڪ وڃي اتي ئي رسندي آهي جتان  جو خمير هوندا آهن. عام طور تي نظريئه ضرورت تحت جمهوريت جا دشمن متبرڪ لباس اوڍي پنهنجا شومنتر ڏيکاريا وري منظر تان غائب ٿي ويندا آهن. انهن وٽ ڌرڻن، پرڻن ۽ مرڻن کانسواءِ ڀلا ٻي ڪهڙي ايجنڊا آهي؟ اهي ته جمهوريت جي گاڏي کي ڊي ريل ڪرڻ گهرن ٿا.  وقت ثابت ڪيو آهي ته انهن جون پاڙون عوام ۾ کتل ئي ناهن نه انهن وٽ عدل آهي نه ئي انصاف… نه اهي اسلام سان سچا آهن ۽ نه ئي وطن سان وفادار! هتي ته ڪامياب اهي ئي ٿيندا آهن جيڪي سرمحفل دار کي چُمي وٺندا آهن. هو پنهنجي ريٽي رت سان پنهنجي گواهي ڏيندا آهن. اهي عشق سان ڪم وٺندا آهن.

هڪ اهم پهلو حڪومتي جنجال پوره جي تنگ نظر سياست جو به آهي ڇا سرمائيدار گروپ سمورا ملڪي ادارا صنعتون، قومي معيشت جا مرڪز، دفاعي نوعيت جا ڪارخانا ڀڳڙن مٺ تي نيلام ڪندي هزارين پورهيتن، محنت ڪشن، مزدورن کي بيروزگار ڪري انهن جي گهرن جا ڏيئا اجهايا  ۽ سندن خيال هو ته  انهي ريت هو ملڪي مسئلن کي حل ڪري وٺندا.

ڀٽو ڪالهه به زنده هو ۽ اڄ به زنده آهي، بي ڪفن لاشن مان اڃا به آواز اچن پيا… اسان اڃا زنده آهيون ڪنهن به ستم گر، ڦورو، رت پياڪ ٻهروپ ۽ مڪار کي هن قوم سان سنگين مزاق ڪرڻ جي اجازت نه ڏينداسين. مقدس رت وري سراپا احتجاج بڻجي روڊن تي اچي ويندو. شهيد راڻي اڃا به زير ڪفن انهن ظالمن خلاف سراپا احتجاج آهي. ان جا نقش قدم اڃا موجود آهن ۽ آذان بلال جو هر هنڌ انتظار آهي، تڏهن ئي ته صبح صادق ٿيندو. هي سحر گاهي وري هن دور جي فرعونن کي ٻوڙائي ڇڏيندي.

ملڪ پاڪستان ۾ اڃا تائين عوام مٿان ٿاڦيل اڳوڻي سليڪٽيڊ نيازي سرڪار جا اثر مهانگائي جي ڌٻڻ ۾ غريب عوام کي غرق ڪرڻ جي رٿابندي سوچي هئي، تبديلي جي نالي تي بيروزگاري جو هڪ نئي طوفان ۾ ادارن مان هزارين پورهيت، مزدور بيروزگار ڪيا آهن، اهڙي صورتحال ۾ شهيد جهموريت محترمه بينظير ڀٽو جو لخت جگر چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري ملڪ جي بهتر معاشي، خارجي ۽ اندروني بهتر پاليسين ڏيڻ سان گڏوگڏ عوام جي معاشي ۽ ترقي جي خوشحالي جي اميد هڪ نئون سج اڀرندي اميد ٿي اڀريو آهي ۽ ملڪ کي هڪ وڏي دلدل کان بچائڻ جي لاءِ پاڪستان پيپلز پارٽي جي نوجوان قيادت هڪ واحد رستو آهي، سندس خارجيه پاليسن جي بدولت ماضي جي حڪمرانن پاران غلطين کي پنهنجي صلاحيتن آهر هڪ نئي تاريخ رقم ڪئي آهي، سندس شهيد والده محترمه بينظير ڀٽو ۽ سندس ناني قائد عوام شهيد ذوالفقار علي ڀٽو جي ڇڏيل مشن کي پورو ڪرڻ لاءِ راهه مشعل آهي، شهيد محترمه بينظير ڀٽو جي پوئلڳن جو انگ ۽ عقيدت مندن جي هڪ ڊگهي فهرست ۾ واڌارو 27 ڊسمبر شهيدن جي مزارن ڳڙهي خدا بخش جي عوامي مجموعن مان لڳائي سگهجي ٿو، شهيد ڇڏيل مشن ۾ ئي ملڪ ۽ عوام جي خوشحالي ۽ ترقي جو ضامن آهي، آئون به سندس پارٽي جو عدنا ڪارڪن جي حيثيت سان شهيد محترمه بينظير ڀٽو جي مشن ۽ پارٽي قيادت ۽ پنهنجي شهيد بابا مرتضيٰ بلوچ جي ڏنل عوامي رستي تي هلندي ملڪ ۽ قوم جي خدمت سان گڏوگڏ ملير جي عوام جو فلاحي خدمت تي عمل پيرا آهيان.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.