راولپنڊي (م ڊ) آرمي چيف جنرل عاصم منير چيو ته مسيحي برادري قوم لاءِ فخر ۽ طاقت جو سبب آهي، ڪرسمس همدردي، سخاوت ۽ خيرسگالي جو اظهار آهي. پاڪ فوج جي ترجمان اداري آءِ ايس پي آر موجب آرمي چيف جنرل عاصم منير سينٽ جوزف ڪيٿولڪ ڪيٿيڊرل چرچ ۾ ڪرسمس تقريب ۾ شرڪت ڪئي ۽ مسيحي برادري سان ايڪي جو اظهار ڪندي سڄي ملڪ ۾ مسيحي برادري کي ڪرسمس جون دلي مبارڪون ڏنيون جڏهن ته مسيحي برادري چرچ آمد تي آرمي چيف جي آجيان ڪئي. آءِ ايس پي آر موجب آرمي چيف ملڪي ثقافتي، سماجي، اقتصادي ۽ قومي ترقي ۾ اقليتن، خاص طور تي مسيحي برادري جي ڀائيواري جو اعتراف ڪيو. آرمي چيف قائداعظم محمد علي جناح کي به زبردست ڀيٽا پيش ڪئي ۽ چيو ته قائداعظم جا آزادي، برابري، مذهبي ڀائيچاري وارا نظريا چئلينجز کي منهن ڏيڻ لاءِ قوم جي رهنمائي ڪن ٿا، قائداعظم جا نظريا علائقائي سلامتي جي تحفظ کان ويندي اندروني استحڪام کي هٿي ڏيڻ لاءِ حوصلا افزائي ڪن ٿا. آرمي چيف چيو ته قائد جي دور انديش قيادت، مضبوط عزم پاڪستان جي قيام جا دڳ کوليا، ايمان، اتحاد ۽ نظم و ضبط جي اصولن تي ثابت قدمي قوم جي تعمير جو خاڪو به فراهم ڪيو، پاڪستان کي قائد جي تصور ڪيل پرامن، خوشحال ملڪ ۾ تبديل ڪرڻ جي پنهنجي اجتماعي عزم کي ورجايون ٿا ۽ سڀ شهري ان لاءِ اڻ ٿڪ محنت ڪن.