اسلام آباد (حامد مير) قائداعظم جيڪو پاڪستان ٺاهيو هو، ان ۾ غيرمسلمانن جو به اهم ڪردار آهي، ان ۾ ايس پي سنگها جو گهٽ ذڪر ٿيندو آهي جيڪو 1947 ۾ پنجاب اسيمبلي جو مسيحي اسپيڪر هو ۽ پنجاب کي پاڪستان جو حصو بڻائڻ ۾ سندس ووٽ اهم ڪردار ادا ڪيو هو. جيڪو پاڪستان قائداعظم ٺاهيو هو ڇا اڄ ان ۾ بهتري جي ضرورت آهي؟ حامد مير جي ان سوال جي جواب ۾ ن ليگ سينيٽر خليل طاهر سنڌو چيو ته هن وقت کوڙ شيون تبديل ٿي چڪيون آهن، اقليتن کي پاڻ کي محفوظ محسوس ڪرائڻ لاءِ گهڻو ڪم ڪرڻ جي ضرورت آهي. هتي ڀارت جيان رياستي مداخلت سان اقليتن سان ظلم ناهي پر هتي به اهڙا واقعا ٿيندا رهن ٿا. چيو ويندو آهي ته صبر جو مظاهرو ڪيو وڃي پر مان چوندس ته هڪ ٻئي کي انسان سمجهڻ گهرجي. ڏکي دل سان اهو چوان ٿو ته جوگيندر ناٿ منڊل پهريون قانون وارو وزير هو پر هڪ ئي سال کانپوءِ جڏهن قائد اعظم محمد علي جناح لاڏاڻو ڪري ويو ته هو لياقت علي خان کي استعيفيٰ ڏئي هليو ويو ته مان هاڻي هتي نٿو رهڻ چاهيان. حامد مير کيس جواب ڏنو ته جوگيندر ناٿ منڊل قانون وارو وزير هو ۽ سندس گرفتاري وارنٽ جاري ٿي ويا هئا. هو دلبرداشته ٿي پاڪستان مان هليو ويو هو. پيپلزپارٽي اڳواڻ ۽ هندو ڪائونسل جي سربراهه ڊاڪٽر رميش ڪمار حامد مير جي سوال تي چيو ته هڪ تقريب ۾ مسيحي برادري کي عيسائي برادري چيو ويو، ماڻهن کي خبر ناهي ته ائين ناهي چيو ويندو. پاڪستان جو اڇو جهنڊو امن جي علامت آهي اهو اقليتن کي ظاهر نٿو ڪري پر وري وري ان کي اقليتن بابت ظاهر ڪيو وڃي ٿو. پاڪستان ۾ حالتون اصل کان اهڙيون رهيون آهن جو 22 سيڪڙو غير مسلم آبادي هئي ۽ هاڻي 4 کان ساڍا 4 سيڪڙو ٿي وئي آهي. جيڪو پاڪستان قائداعظم جو هو اهو هڪ سال کانپوءِ ئي ختم ٿي ويو هو، هاڻي قائداعظم جو پاڪستان دعائن سان ضرور ٺهندو. هن وڌيڪ چتو ته 2014 ۾ سپريم ڪورٽ جي آيل فيصلي تي عمل ناهي ٿي سگهيو، هندو ميرج ايڪٽ بل 2017 ۾ ڏکيائي سان پاس ڪرايو اڄ تائين ان تي عمل ناهي ٿي سگهيو. سنڌ ۾ جبري شادي جو بل آيو پاس ٿيو پر اهڙيون ڌمڪيون آيون، پنج سيڪڙو اهڙا عنصر آهن جيڪي حرڪت ۾ اچي ويندا آهن، انهن جي ڪري بل واپس وٺڻو پيو. جڏهن اهو بل قومي اسيمبلي ۾ پاس ڪرايو ته اڪثريت اسان جي هئي پر ٻيا به هئا جن چيو ته ائين نه ٿيندو. پاڪستان ۾ رول اسٽيبلشمينٽ جو مضبوط هو ۽ آهي ان جي ڪري اهڙين شين جي قانونسازي ڪرڻي پوندي ته ان ۾ اسٽيبلشمينٽ جو رول هجڻ گهرجي. اقليتي برادري جي ريزرو سيٽن وارو سلسلو بند ڪري جنرل سيٽ تي نمائندگي هجڻ گهرجي. پي ٽي آءِ جي مهندر پال سنگهه چيو ته جوگيندر ناٿ منڊل جهڙا واقعا اسان سان به ٿيا آهن پر اسان دلبرداشته ٿي قدم ناهن کنيا، اسان سمجهون ٿا ته هي اسان جو ملڪ آهي. هتي ڀارت جيان رياست اقليتين خلاف ملوث ناهي هوندي پر هتي ذاتي مفاد ڏٺا ويندا آهن. مفادن جي ڳالهه هوندي آهي ته مذهب جي نالي تي کوڙ تڪليفون ڏنيون وينديون آهن. رياست گهٽ ۾ گهٽ برابري جي بنياد تي انصاف ته ڪري سگهي ٿي. ذاتي مفادن کي مذهب جو نالو ڏئي اقليتن کي چٿڻ جي ڪوشش ٿيندي آهي.
نوٽ: هي تجزيو، روزاني عوامي آواز، خميس 26 ڊسمبر 2024ع تي شايع ٿيو