ڪراچي( رپورٽر )سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه چيو آهي ته ڳالهيون جمهوريت جو حسن آهن جيڪڏهن اسان دشمن ملڪن سان ڳالهيون ڪري سگهون ٿا ته 9 مئي جي جوابدارن سان ڇو نه، اهي اسان جا پاڪستاني شهري آهن. اهو ضروري آهي ته انهن سان ڳالهايو وڃي جن کي گمراهه ڪيو ويو آهي ۽ انهن کي پنهنجو نقطه نظر تبديل ڪرڻ ۾ مدد ڪئي وڃي. هن اها ڳالهه قائداعظم جي مزار ٻاهران ميڊيا سان ڳالهائيندي چئي. ڳالهين جي شروعات ۾ مراد علي شاهه قائداعظم کي 148 هين سالگرهه جي مبارڪباد ڏني. هن مسيحي برادري کي به ڪرسمس جون واڌايون ڏنيون ۽ ياد ڏياريو ته قائداعظم محمد علي جناح 11 آگسٽ 1947ع تي پنهنجي تقرير ۾ چيو هو ته سڀني مذهبن جا مڃيندڙ پنهنجي پنهنجي عبادت گاهه ۾ عبادت ڪرڻ لاءِ آزاد آهن،هن چيو ته شهيد ذوالفقار علي ڀٽو ملڪ کي ايٽمي طاقت بڻايو. شهيد محترمه بينظير ڀٽو ميزائل ٽيڪنالاجي ذريعي قومي دفاع کي مضبوط ڪيو. هن سرحدن جي حفاظت ۽ دهشتگردي جي خاتمي لاءِ پاڪ فوج جي قربانين کي به خراج تحسين پيش ڪيو. هن چيو ته جمهوريت جي شهيدن پنهنجي رت جو نذرانو ڏئي ملڪ ۾ جمهوريت بحال ڪئي،صدر آصف علي زرداري ۽ وزيراعظم شهباز شريف جي قيادت ۾ پاڪستان معاشي، سياسي ۽ سماجي بحران مان نڪري رهيو آهي ۽ امن امان جي صورتحال بهتر ٿي رهي آهي. وڏي وزير فلسطين ۾ اسرائيلي بربريت جي مذمت ڪندي اسلامي ملڪن ۽ سڄي دنيا تي زور ڏنو ته هو فلسطين ۽ ڪشمير ۾ ظلم جي خاتمي لاءِ ڪم ڪن،هڪ سوال جي جواب ۾ مراد علي شاهه چيو ته سنڌ هميشه پرامن رهي آهي ۽ رهندي، انشاءَ الله. وفاقي ۽ صوبائي حڪومتون غير قانوني مهاجرن کي واپس موڪلڻ واري معاملي تي متحد آهن. زاهد ميراڻي جي غير قانوني افغان شهري هٿان قتل بابت سوال جي جواب ۾ وڏي وزير چيو ته پي ٽي آءِ جي اڳوڻي حڪومت ۾ افغانين لاءِ عام معافي جو اعلان ڪيو ويو هو پر سنڌ حڪومت اهڙن ماڻهن کي سندن ڏوهاري رڪارڊ مان سڃاڻپ ڪري پنهنجي ملڪ اماڻيو. سنڌ حڪومت هڪ بيگناهه جي قتل کي سڄي انسانيت جو قتل سمجهي ٿي ۽ ڪنهن به قاتل کي سزا کان بچڻ نه ڏينداسين. قاتلن کي انصاف ڏينداسين ، مراد علي شاهه حڪومت تي ڪجهه نه ڪرڻ جا الزام رد ڪندي چيو ته سندس حڪومت هميشه صوبي جي عوام لاءِ آواز اٿاريو آهي جڏهن به ڪو مسئلو پيدا ٿئي ٿو ته پيپلز پارٽي جي حڪومت سنڌ جي عوام جي مفاد لاءِ اڳتي وڌي ٿي. مراد علي شاهه چيو ته سندس باضابطه احتجاج کانپوءِ ئي وفاقي حڪومت هن سال سنڌ جي ترقياتي اسڪيمن لاءِ 180 ارب رپيا رکيا آهن، ٻي صورت ۾ اها رقم گذريل سال گهٽجي 5 يا 6 ارب تائين رهجي وئي هئي جڏهن ته هن فنڊ جاري ڪرڻ ۾ دير تي تنقيد ڪندي گڏيل مفادن واري ڪائونسل جو اجلاس گهرائڻ ۾ دير تي ڳڻتي جو اظهار ڪيو. اڌورن منصوبن بابت ڳالهائيندي هن چيو ته ڄامشورو سيوهڻ روڊ 2017ع ۾ شروع ڪيو ويو هو جنهن لاءِ اڌ فنڊ سنڌ حڪومت اپريل 2017ع ۾ ڏنو پر اڃا تائين اهو منصوبو اڻپورو آهي. وڏي وزير هڪ ڀيرو ٻيهر مطالبو ڪيو ته حيدرآباد-سکر موٽر وي سميت نامڪمل منصوبن کي وفاقي فنڊنگ سان جلد مڪمل ڪيو وڃي. هن چيو ته ڪراچي-حيدرآباد موٽر وي پبلڪ پرائيويٽ پارٽنرشپ تحت ٺاهي وئي پر ٻين صوبن ۾ به اهڙا منصوبا وفاق جي فنڊنگ سان سي پيڪ ذريعي تعمير ڪيا ويا. اهو تعصب عمران خان جي دور ۾ شروع ٿيو. مراد علي شاهه اعتراف ڪيو ته وزيراعظم شهباز شريف چيو هو ته سکر حيدرآباد موٽر وي پبلڪ پرائيويٽ پارٽنرشپ تحت نه ٺهي سگهي جڏهن ته سندس وزير اصرار ڪيو ته اهو ممڪن آهي پر فنڊن جو بندوبست نه ٿيڻ سبب منصوبو ناڪام ٿي ويو وڏي وزير وفاقي حڪومت تي زور ڀريو ته سکر-حيدرآباد موٽر وي کي وفاقي فنڊنگ سان چيني فنڊنگ سان تعمير ڪيو وڃي ڇاڪاڻ ته اهو نه رڳو سنڌ جو پراجيڪٽ آهي پر بندرگاهه کان پوري ملڪ جي ڪمرشل ٽريفڪ لاءِ ضروري آهي. هن چيو ته لاهور جي واپارين به کيس شڪايت ڪئي آهي ته سکر حيدرآباد موٽر وي ڇونه ٺاهي پئي وڃي. مراد علي شاهه واضح ڪيو ته سنڌ حڪومت وٽ وسيلا محدود آهن ۽ مالي مشڪلاتن سبب وڏا منصوبا شروع نٿا ڪري سگهن. تنهن هوندي ٺٽو-ڪراچي ٻٽو روڊ وفاقي روڊ سنڌ حڪومت ٺاهيو ۽ ڄامشورو سيوهڻ روڊ لاءِ پنجاهه سيڪڙو فنڊ فراهم ڪيا. وڏي وزير گورنر کي جواب ڏنو ته ڪراچي منهنجو شهر آهي، سندس درخواست تي وزيراعظم پاڻي جي منصوبن لاءِ فنڊ ڏنا، جنهن ۾ ڪي فور منصوبي لاءِ 25 ارب رپيا ۽ ڪي بي لاءِ 40 ارب رپيا شامل آهن. ان کان اڳ وڏي وزير باني پاڪستان قائداعظم محمد علي جناح جي سالگرهه جي موقعي تي مزار قائد تي گلن جي چادر چاڙهي، فاتحه خواني ڪئي ۽ مهمانن جي ڪتاب ۾ پنهنجا تاثرات قلمبند ڪيا.