طالبان ٻيهر سرگرم، سول نافرماني جو سڏ ايٽمي ھٿيارن تي قبضي جوحصو؟

اسلام آباد (عمران شفقت)پاڪستان خلاف ھن وقت ٽھ رخو حملو جاري آھي ھڪ سياسي آھي ، ٻيو سوشل ميڊيا ۽ ٽيون آھي سرحد پار کان حملو. اھي ٽئي رخ پاڻ ۾ بلڪل ملي ويل آھن.انھن جو سرو ڳوليون تھ اھا آھي عالمي اسٽيبلشمينٽ جي راند عرب بهار کان شروع ٿئي ٿي،مصر ،شام، لبنان۽ عراق ۾ ان جي ڪڙي پاڪستان  اچي ٽٽندي. انھن جو مشن جڏھن پاڪستان ۾ لاڳو ٿي ويندو تڏھن ئي مڪمل ٿيندو پر ان کان اڳ ايران جو وارو آھي افغانستان ۾ ڦٽا ڪيل آمريڪي هٿيار ڪٿي تھ استعمال ٿيڻا آھن عمران خان پھرين ڏينھن کان طالبان جو حامي آھي. ڪجهھ قانون لاڳو ڪندڙ ادارن جا دوست ، ڪجھه صحافي ۽ ڪجھ وڪيل انھن جوحصو آھن ھڪ آڊيو ليڪ ٿي آھي ٽي منٽ 56 سيڪنڊن جي  آھي جنھن مان ثابت ٿئي ٿو تھ اھي 24 نومبر تي پوري پلاننگ سان اسلام آباد تي قبضي لاءِ آيا ھئا جٿا وٺي آيا ھئا ۽ جٿن جي جيڪا ترتيب ھئي تھ ھلان ڪٿان ڪٿان ٿيندي ان سان گڏ نقشا سڀ ان جوحصو آھن جنھن مان ثابت ٿئي ٿو تھ اھي اسلام آباد جومحاصرو ڪرڻ آيا ھئا،.اھو رياست پاڪستان مٿان حملو ھيو ۽ دنيا کي پيغام ڏيڻو ھيو 9 مئي تي بھ اھو ئي منصوبو ھيو تھ پاڪستان جي فوج کي مفلوج ڪري ڇڏجي اھو عالمي سازش جو حصو ھيو يا حصو آھي جو اسٽيبلشمينٽ جي اندران بھ ماڻھو مليل ھيا ۽ دنيا کي پيغام وڃي تھ بلوائي ٻاھر نڪري آيا  آھن ۽ رياست سرينڊر ڪري ڇڏيو آھي اھو نھ ٿي سگھيو وري ٻيو 24 نومبر تي ھيو مقصد ساڳيو ئي ھيو تھ سرڪاري آفيسن تي قبضو ڪري وٺجي، فوج ۽ قوم آمھون سامھون ھجي پر اھي وڳوڙي ھيا سو بيھي نھ سگھيا. سول نافرماني سڏ جو مقصد بھ اھوآھي تھ عالمي قوتن کي سپورٽ ڪيو وڃي جن جي اھا ايجنڊا آھي جئين اھي چئي سگھن تھ ملڪ جي معيشت نھ ٿي ھلي سو انھن جو ايٽمي پروگرام غير محفوظ ٿي ويو آھي ھيڏانھن ايٽمي ھٿيار اقوام متحدھ جي قبضي ۾ آيا تھ مشن مڪمل.ن ليگ جي سياسي حلقن ۾ ۽ فارميشن ڪانفرنس ۾ اھي ڳالھيون ٿي چڪيون آھن پر ڪوئي کليل اظھار نھ پيو ڪري. پر جيڪڏھن اظھار ڪري تھ ڌيڪ بھتر آھي تھ ھي ٽھ رخو حملو عالمي سازش آھي  جنھن جو مقصد ايٽمي ھٿيارن تي قبضو ڪرڻ آھي.نھ تھ جيڪو افغانستان ۾ ٿي رھيو آھي ۽اھي ڇا ڪندا  انھن ھميشھ ڪرائي جي جنگ وڙھي آھي ۽ ھاڻي اھي ايران ۽ پاڪستان خلاف جنگ ڪندا.

نوٽ: هي تجزيو، روزاني عوامي آواز، خميس 26 ڊسمبر 2024ع تي شايع ٿيو

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.