واشنگٽن ( م ڊ) نئين چونڊيل آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ جي نامزد خصوصي ايلچي رچرڊ گرينيل پي ٽي آئي سربراھ عمران خان جي آزادي جومطالبو ڪري ڇڏيو آھي . آمريڪي خابرو اداري نيوز ميڪس کي ڏنل انٽرويو ۾ ھن چيو تھ ٽرمپ انتظاميھ جا ان وقت جي پاڪستاني حڪومت سان بھتر لاڳاپا ھئا عمران خان مٿان بھ ساڳيي نوعيت جا الزام آھن جيڪي ڊونلڊ ٽرمپ مٿان ھيا ان کي آزاد ڪيو وڃي.ھن وڌيڪ چيو تھ نامزد پرڏيھي وزير پاڪستان سان ميزائل پروگرام تي ڳالھين لاءِ تياري ڪئي آھي . رچرڊ گرينيل جو چوڻ ھيو تھ ايٽمي صلاحيت وارن ملڪن سان مختلف طريقي سان ڊيل ڪيو ويندو آھي. جو بائيڊن انتظاميھ جيڪو ڪم چار سالن ۾ نھ ڪيو سو 45 ڏينھن ۾ ڪرڻ جي ڪوشش پئي ڪري.پاڪستان جي جيل ۾ قيد اڳواڻ ٽرمپ وانگر سياست ۾ آئوٽ سائيڊر ھيو۽ ڪامن سينس جي ڳالھ ڪندو ھيو.