اسلام آباد(م ڊ) مسلم ليگ ن جي سينيٽر طلال چوڌري چيو آهي ته آمريڪا کي اسان جي خودمختياري جو احترام ڪرڻو پوندو،ان طرح جي بيانن سان عمران خان جي آزادي جو ڪو به امڪان ناهي، هن چيو ته عمران خان تي ڪرپشن ۽ آئين ٽوڙڻ جا الزام آهن،آمريڪا چاهي ٿو ته ان جو پاليل ٻار ٻيهر اقتدار ۾ اچي،اهو اسان جو اندروني معاملو آهي،آمريڪا مداخلت کان پاسو ڪري،پاڪستان جي ايٽمي ۽ ميزائل پروگرام تي ڪو به سمجهوتو نه ٿيندو،پي ٽي آءِ پاڪستان خلاف ڀارت کان به وڌيڪ لابنگ ڪئي آهي،هن چيو ته رچرڊگرينل جي انٽرويو ۾ پاڪستان جي ايٽمي پروگرام تي پابندين کي عمران خان جي آزادي سان ڳنڍيو ويو،عمران سان ڪا به ڊيل نه ٿيندي،هو ڊيل لاءِ وڏي عرصي کان هٿ پير هڻي رهيو آهي، ٽرمپ انتظاميا جو ڪو به دٻاءُ حڪومت قبول نه ڪندي