سنڌو درياهه مان نوان ڪينال ۽ تباھ ٿيندڙ انڊس ڊيلٽا

تحرير: نصير ميمڻ

انڊس ڊيلٽا جيڪو ڪنهن زماني ۾ هڪ قديم ماحولياتي نظام هو سو هن وقت اهو پنهنجو شان و شوڪت وڃائي چڪو آهي. حياتياتي لحاظ کان دنيا جي چاليهھ کان وڌيڪ سرسبز ۽ شاد باد ماحولياتي خطن جي فهرست ۾ انڊس ڊيلٽا شامل رهيو آهي. انڊس ڊيلٽا رامسر سائيٽ پڻ آهي. بدقسمتيءَ سان انڊس ڊيلٽا اندر تمر جا ٻيلا ۽ انڊس ڊيلٽا جي پڇڙي جتي سمنڊ ۽ درياهه جو پاڻي ملي ٿو. ۾ مڇيءَ جو ذخيرو گهٽجي رهيو آهي ۽ معاشي تنگدستي جي ڪري اتي صدين کان آباد ماڻھو پنهنجا اباڻا گھر ڇڏي رهيا آهن. انتهائي غربت، غذائي قلت ۽ بيماريون تمام تيزي سان وڌي رهيون آهن، ماضيءَ جي خوشحال علائقي کي ڪجهه ڏهاڪن کان بدحالي طرف ڌڪيو ويو آهي.

1932ع ۾ ٺهندڙ سکر بئراج سنڌو درياءَ تي سنڌو درياهه جو رخ موڙيندڙ پهريون وڏو پراجيڪٽ آهي. گذريل صديءَ ۾ سنڌو درياهه ۽ ان جي ندين تي ڊيمن ۽ بئراجن جي تعمير جو هڪ وڏو سلسلو شروع ڪيو ويو آهي. سنڌوءَ درياهه تي تربيلا ڊيم ۽ چشما ذخيرا ۽ جهلم نديءَ تي منگلا ڊيم پاڻي جو اهم ذخيرو آهن. ستلج ماٿري منصوبي (1922-30) کان وٺي سنڌو طاس جي دريائن تي ٽي وڏا ڊيم، 23 بئراج، 12 انٽر-ريور ڪينال ۽ 45 مکيه ڪينال جوڙيا ويا آهن. واهن جي هن ڄار هڪ وڏي آبپاشي نظام جنم ڏنو آهي جنهن سبب انڊس ڊيلٽا واري علائقي ڏانهن سنڌو ندي جي پاڻي جي وهڪرن کي تمام گهڻو گهٽائي ڇڏيو آهي.

هڪ صدي کان به وڌيڪ عرصي کان سنڌو درياهه جي مٿاهين واري علائقن کان سنڌو درياهه جي رخ موڙڻ وارن منصوبن جهڙوڪ ڊيمن ڪينالن وغيره سبب انڊس ڊيلٽا جو ماحولياتي نظام مڪمل طور تي تباهيءَ ۽ بردباي جي ور چڙهي چڪو آهي. انڊس ڊيلٽا جو علائقو 600,000 هيڪٽرن جي ايراضيءَ تي پکڙيل هو. اوڀر ۾ سر ڪريڪ ۽ اولهه ۾ ڦٽي ڪريڪ جي انڊس ڊيلٽا جا ان  17 فعال ڇوڙ هئا جيڪي هاڻي سُڪي ختم ٿي ويا آهن. انھن ۾ صرف ٻه هڪ خوبار ۽ خار باقي بچيا آهن.

2023  جي آدمشماري مطابق سنڌ جي ڊيلٽا سان لڳندڙ ٽن ضلعن (ٺٽو، سجاول ۽ بدين) جا 8 تعلقا آهن. انڊس جن جي آبادي لڳ ڀڳ 20 لک آهي. هي آبادي انڊس ڊيلٽا جي تباهي سبب سڌي ريت متاثر ٿي آهي. مڇيءَ پڪڙڻ ۾ گھٽتائي اچڻ، زرعي زمين جي کوٽ، هر دفعي وڏن سامونڊي طوفانن ۽  غير فعال LBOD جي نالن گڏجي ڪري انڊس ڊيلٽا واري علائقي ۾ غربت، بيروزگاري، غذائي کوٽ کي جنم ڏنو آهي. جنھن سبب اتان جي ماڻھن ٻين علائقن ڏانھن لڏپلاڻ ڪئي آهي.

درياهه جي وهڪرن ۾ گهٽتائي انڊس ڊيلٽا تي تمام خراب اثر ڇڏيا آهن. جنھن سبب سنڌو درياهه مان لٽ ۽ ٻي معدنيات جيڪا ڊيلٽا جي جياپي لاءِ ضروري آهي اها ڊيلٽا تائين پهچي ئي نٿي. اهي معدني وسيلا جيڪي درياھ پنهنجي وهڪرن سان انڊس ڊيلٽا تائين پهچائي ٿو اهي ڊيلٽا جي ايڪو سسٽم (ماحولياتي نظام) جو هڪ اهم جز آهن. لٽ سمنڊ جي پاڻي کي مٿي وڌڻ کان روڪي ٿي ۽ اها تمر جي ٻيلن جي واڌ ويجهه ۽ انھن کي  برقرار رکڻ لاءِ زرخيز مٽي پڻ فراهم ڪري ٿي. تمر جا ٻيلا مڇيءَ جي ڪيترن ئي قسمن جي ناياب نسلن جو مرڪز آهن. گذريل 25 سالن جا انگ اکر ٻڌائن ٿا ته 12 سالن تائين ڪوٽڙي بئراج کان هيٺ پاڻي جو وهڪرو  10 ملين ايڪڙ فوٽ (MAF) کان به گهٽ رهيو جنهن تي 1991ع جي بين الصوبائي پاڻي جي ورهاست واري معاهدي ۾ عارضي طور تي اتفاق ڪيو ويو هو. ڊيلٽا تباھ ٿي ويو آهي. انڊس ڊيلٽا کي تربيلا ڊيم ٺهڻ کان اڳ وارن سالن ۾ 400 ملين ٽن لٽ ملندي هئي جيڪا هاڻ گهٽجي 125 ملين ٽن في سال ٿي وئي آهي.

عالمي ماهرن جي هڪ رپورٽ موجب ڊيلٽا جي ايڪو سسٽم کي برقرار رکڻ لاءِ ڪوٽڙي بئراج هيٺ گهٽ ۾ گهٽ پاڻي جو وهڪرو 5000 ڪيوسڪ آهي. پر پاڻي جي وهڪرن جا انگ اکر ظاهر ڪن ٿي ته مون سون جي ٻن مهينن کان سواءِ ( يعني جولاءِ جي وچ کان سيپٽمبر جي وچ تائين) پاڻي جو گهربل مقدار ڪوٽڙي بئراج کان هيٺ نٿو ڇڏيو وڃي. ٻين لفظن ۾ سال جي ڪيترن ئي مهينن ۾ لٽ سمنڊ تائين نٿي پهچي جيڪا سمنڊ کي روڪي سگهي ۽ نتيجي ۾ سمنڊ هر  ڏينھن زير زمين چڙهندو اچي پيو.

2001ع ۾ سنڌ حڪومت جي هڪ اندازي مطابق سنڌ جي ساحلي ضلعن ۾ 0.5 ملين هيڪٽرن تائين زرخيز زمين (سڄي صوبي ۾ ڪل پوکيل ايراضيءَ جو 12 سيڪڙو) سامونڊي پاڻي جي وڌڻ سبب متاثر ٿي. 2005 ۾ ڪجھه ماهرن جي رپورٽ ۾ چيو ويو آهي ته  هر سال سمنڊ جي زمين ڏانھن چاڙھ تقريبن 30 ميٽر آهي.

يو ايس-پاڪستان سينٽر فار ايڊوانسڊ اسٽڊيز ان واٽر جي ڊاڪٽر الطاف علي سيال جي هڪ تحقيقي مقالي ۾ ٻڌايو ويو آهي ته فعال ڊيلٽا 1833ع ۾ 13900 چورس ڪلوميٽرن جي ايراضيءَ تي مشتمل هيو جيڪو گهٽجي 1067 چورس ڪلوميٽر ٿي ويو آهي جنهن جي نتيجي ۾ اٽڪل 92 سيڪڙو جي وڏي گهٽتائي ٿي آهي.  2005ع ۾  IUCN جي رپورٽ موجب فعال ڊيلٽا جي ايراضي 1,190 چورس ڪلوميٽر آهي. سيٽلائيٽ ٽيڪنالاجي ذريعي هڪ تازي سروي جي ضرورت آهي ته جيئن سمنڊ ۾ وڃايل قيمتي زمين جي مقدار جو صحيح اندازو لڳايو وڃي. ماهرن جي هڪ گڏيل پينل سفارش ڪئي آهي ته هر پنجن سالن ۾ 25 ملين ايڪڙ فوٽ MAF پاڻي جو ڪل مقدار ڪوٽڙي بئراج کان هيٺ جاري ڪيو وڃي ته جيئن لٽ جي گهربل مقدار کي سمنڊ تائين پهچايو وڃي.

هڪ تحقيق موجب 1990ع ۾ تمر جي ٻيلن سان ڍڪيل علائقو 103,413 هيڪٽر يا 16 سيڪڙو سامونڊي ٻوڏ جي وهڪرن وارن ميدانن تي مشتمل هو. جيڪو آهستي آهستي 2005 ۾ 63,296 هيڪٽرن يعني 9.81 سيڪڙو تي اچي ويو. تازو صوبائي حڪومت تمر جي ٻيلن جي بحالي لاءِ ڪجهھ قدم کنيا. ان جي ڪوششن جي نتيجي ۾ 2017 ۾ تمر جي ٻيلن جي ايراضي ۾ 81,324 هيڪٽرن تائين اضافو ٿيو. تمر جي ٻيلن کي برقرار رکڻ لاءِ ڪوٽڙي بئراج کان هيٺ ڊيلٽا ڏانهن باقاعده تازي پاڻي ڇوڙ ڪرڻ جي ضرورت آهي.

هڪ طرف ته انڊس ڊيلٽا کي تباھ ڪيو پيو وڃي ته ٻئي طرف ماحولياتي نظام جي هن تباهي باوجود به ڪارپوريٽ فارمنگ لاءِ سنڌو درياهه ۽ ان جي ڀرتو ندين مٿان نون ڪينالن  جي تعمير انڊس ڊيلٽا کي وڌيڪ تباھ ڪندي. انڊس ڊيلٽا هڪ قومي اثاثو آهي. ڊيلٽا جي بحالي هڪ قومي فرض آهي. انڊس ڊيلٽا کي زندهه رکڻ لاءِ فوري قدم کڻڻ جي ضرورت آهي.

(ترجمو:عاطف ملاح)

عالمي ماهرن جي هڪ رپورٽ موجب ڊيلٽا جي ايڪو سسٽم کي برقرار رکڻ لاءِ ڪوٽڙي بئراج هيٺ گهٽ ۾ گهٽ پاڻي جو وهڪرو 5000 ڪيوسڪ آهي. پر پاڻي جي وهڪرن جا انگ اکر ظاهر ڪن ٿي ته مون سون جي ٻن مهينن کان سواءِ ( يعني جولاءِ جي وچ کان سيپٽمبر جي وچ تائين) پاڻي جو گهربل مقدار ڪوٽڙي بئراج کان هيٺ نٿو ڇڏيو وڃي. ٻين لفظن ۾ سال جي ڪيترن ئي مهينن ۾ لٽ سمنڊ تائين نٿي پهچي جيڪا سمنڊ کي روڪي سگهي ۽ نتيجي ۾ سمنڊ هر  ڏينھن زير زمين چڙهندو اچي پيو.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.