پاڪستاني اداڪار جي ڪرينا بابت تبصري مداحن کي چيڙائي ڇڏيو

ڪراچي (ويب ڊيسڪ)پاڪستاني اداڪار خاقان شاهنواز طرفان بالي ووڊ سپر اسٽار ڪرينا ڪپور جي عمر بابت ڪيل تبصري سوشل ميڊيا واهپيدارن کي ڪاوڙائي ڇڏيو.
اداڪار خاقان شاهنواز ويجهڙ ۾ نجي ٽي وي جي پروگرام ۾ شرڪت ڪئي جتي هڪ عورت مداح اداڪار سان خواهش جو اظهار ڪيو.
مداح چيو ته هوءَ چاهي ٿي ته خاقان بالي ووڊ اسٽار ڪرينا ڪپور سان فلم ۾ ڪم ڪري، عورت جي خواهش ٻُڌي ميزبان چيو کيس ته اوهان جي صورت ڪرينا سان ملندڙ جلندڙ آهي ۽ اوهان ڪپور ڪٽنب مان ئي لڳو ٿا.
خاقان شاهنواز اِهو ٻڌي مسڪرائيندي چيو ته مان سندس پٽ جو ڪردار ڪري سگهان ٿو، ڪرينا عمر ۾ وڏي آهي، مان سندس پٽ بڻجي سگهان ٿو.
اداڪارا جي اهڙي تبصري نه رڳو ڀارتي سوشل ميڊيا پر پاڪستاني سوشل ميڊيا واهپيدارن کي به ڪاوڙائي ڇڏيو آهي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.