اسلام آباد(فخر دراني) يورپي يونين پاڪستان جي فوجي عدالتن جي فيصلن بابت خدشن جو اظهار ڪيو آهي،حڪومت سان ڳالهين لاءِ پي ٽي آءِ جي ڪميٽي ۾شامل عمرايوب،علي امين گنڊاپور ۽ سلمان اڪرم راجا پهرين اجلاس ۾ شريڪ نه ٿيا،ڳالهين ۾ پهريون مطالبو عمران خان جي آزادي جو رکيو ويو آهي،عمران خان آزاد ٿي به سگهي ٿو پر ان جي ضمانت ڪير ڏيندو ته هو خاموش رهندو؟ ٻئي پاسي نوازشريف به چاهي ٿو ته پي ٽي آءِ سان ڳالهيون ٿين ۽ عمران خان جيل مان ٻاهر نڪري ڇو ته هن جي نظر ۾ عمران جيترو عرصو جيل ۾ رهندو ماڻهن جون همدرديون هن لاءِ وڌنديون،هو ٻاهر اچي ڀلي جلسا ڪري ماڻهو به هڪ حد تائين جلسن جلوسن ۾ شرڪت ڪندا،هن کي اندر رکڻ کيس وڌيڪ مقبول بڻائي رهيو آهي،نوازشريف جي بقول عمران ٻاهر اچي حڪومت کي غيرمستحڪم نٿو ڪري سگهي،باقي سندس خلاف ڪيس ڀلي عدالتن ۾ هلندا رهن جڏهن ته عمران خان جي آزادي جي حوالي سان اسٽيبلشمينٽ ڏسو ۽ انتظار ڪريو واري پاليسي تي عمل ڪري رهي آهي،عمران خان جو فوجي ٽرائل نه ڪيو ويندو،9 مئي جو ڪيس دهشت گردي ٽوڙ عدالت ۾ هلايو ويندو،ڇو ته فوجي عدالتن جي حوالي سان عالمي دٻاءُ سامهون اچي رهيو آهي،پاڪستان 27 بنيادي بين الاقوامي ڪنوينشنز کي موثر انداز ۾ لاڳو ڪرڻ اتفاق ڪري رکيو آهي،ٻيو ته پاڪستان 2027ع تائين جي ايس پي پلس کان فائدو به وٺي رهيو آهي،جيڪڏهن پاڪستان انهن معيارن تي پورو نٿو لهي ته جي ايس پي پلس اسٽيٽس ختم ٿي سگهي ٿو،رياست عمران کي فوجي عدالتن ۾ پيش ڪيو ته دنيا ڪنهن به طور تي ان کي تسليم نه ڪندي،