ڪراچي ( م ڊ) فري اينڊ فيئر اليڪشن نيٽورڪ (فافن) جي رپورٽ ۾ قومي ۽ صوبائي سطح تي رجحانات جي نشاندھي جي لاءِ نتيجن جو جائزو ورتو ويو. ووٽن ۽ سيٽن جي تقابلي پارٽي شئير جي لحاظ کان پي ٽي آئي، مسلم ليگ ن ۽ پيپلزپارٽي پنھنجي حصي کان وڌيڪ قومي ۽ صوبائي سيٽون حاصل ڪيون.قومي چونڊن ۾ ٽنھي ڌرين کي وڌيڪ ووٽ پيا. سنڌ کي قومي ۽ صوبائي اسيمبلين جون نشستون وڌيڪ مليون. فافن مطابق بلوچستان ۾ قومي سطح تي ڌرين پنھنجي ووٽن ۾ اضافو ڪيو.پيپلزپارٽي پارليامينٽريز سنڌ ۾ ۽ پي ٽي آئي جي ڪي پي ۾ گرفت مضبوط رھي. مجموعي طور تي قومي اسيمبلي چونڊن ۾ 448943 وُٽ وڌيڪ پول ٿيا . صوبائي چونڊن جي نتيجن ۾ غلط ووٽن جي تعداد رد ٿيل ووٽن جي تعداد کان وڌيڪ ھئي. تحريڪ لبيڪ کي پاڪستان جي پنجاب اسيمبلي ۾ پنج سيڪڙو ووٽ ملڻ باوجود صرف ھڪ سيٽ ملي. قومي اسيمبلي ۾ پنج سيڪڙو ووٽن باوجود ڪا سيٽ نھ ملي سگھي.سنڌ اندر متحدھ قومي موممنٽ 16 سيڪڙو ووٽ کڻي 20 سيڪڙو سيٽون ماڻيون. ڏھ سيڪڙو ووٽ کڻي قومي اسيمبلي جون 13 سيٽون حاصل ڪيون .ن لگي بلوچستان ۾ 13 سيڪڙو ووٽ کڻي 24 سيٽون حاصل ڪيون. بلوچستان ۾ پ پ ۽ ن ليگ مجموعي طور تي وڌيڪ سيٽون حاصل ڪيون.پنجاب اندر پي ٽِي آئي 31 سيڪڙو ووٽ کڻي 37 سيڪڙو سيٽون حاصل ڪيون. ۽ 35 سيڪڙو ووٽ کڻي 38 سيڪڙو قومي اسيمبلي جون سيٽون کٽيون. ن ليگ 32 سيڪڙو ووٽ کڻي صوبائي اسيمبلي جون 47 سيڪڙو سيٽون کٽيون. ۽ 34 سيڪڙو ووٽ کڻي قومي اسيمبلي جون 48 سيڪڙو سيٽون حاصل ڪيون.سنڌ اندر پيپلز پارٽي 46 سيڪڙو ووٽ کڻي صوبائي اسيمبلي جون 65 سيڪڙو ۽ قومي اسيمبلي جون 72 سيڪڙو سيٽون حاصل ڪيون. ڪي پي ۾ پي ٽي آئي 38 سيڪڙو ووٽ کڻي صوبائي سيمبيلي جون 75 سيڪرو ۽ 45 سيڪڙو ووٽ کڻي قومي اسيمبلي جون 80 سيڪڙو سيٽون حاصل ڪيون.