حيدرآباد(رپورٽر) سنڌ ترقي پسند پارٽي جي چيئرمين ڊاڪٽر قادر مگسي سان جماعت اسلامي جي اڳوڻي امير سراج الحق مگسي هائوس قاسم آباد پهچي ملاقات ڪئي. ملاقات دوران ٻنهي اڳواڻن جي وچ ۾ ملڪي ۽ سنڌ جي سياسي صورتحال تي خيالن جي ڏي وٺ ٿي. ان موقعي تي سنڌ ترقي پسند پارٽي جي چيئرمين ڊاڪٽر قادر مگسي ڳالهائيندي چيو ته پاڪستان هڪ گهڻ قومي ملڪ آهي ان ۾ شامل سمورين قومن کي برابري جي بنياد تي حق ڏنا وڃن. هن چيو ته ملڪ جي پارليامينٽ جي بالادستي ۽ آزادي چاهيون ٿا. ان سان ئي ملڪ ترقي ڪري سگهي ٿو. ووٽ کي اهميت ڏني وڃي. ووٽ جي بدران ڌانڌلي سان ٺاهيل حڪومتون نه ڪامياب ٿينديون نه وري ملڪ جي لاءِ فائديمند ثابت ٿينديون. سنڌ جا ڳوٺ هن وقت صحت، تعليم سميت بنيادي سهولتن کان وانجهيل آهن. هن چيو ته سنڌ کي پنهنجي حصي جو پاڻي نٿو ڏنو وڃي سمنڊ ۾ پاڻي نه وڃڻ سبب سنڌ جي لکين ايڪڙ زمين سمنڊ ڳڙڪائي ويو آهي. 1991ع جي معاهدي تحت گهٽ ۾ گهٽ 10 ملين ايڪڙ فوٽ پاڻي ڪوٽڙي کان هيٺ ڊائون اسٽريم ۾ ڇڏڻو آهي. ان موقعي جماعت اسلامي جي اڳواڻي امير سراج الحق ڳالهائيندي چيو ته سنڌ جي ماڻهن کي ڪابه بنيادي سهولت ناهي. سڄي سنڌ موهن جي دڙو جو ڏيک ڏئي پئي. سنڌ جي مسئلن تي جماعت اسلامي آواز اٿاريندي ۽ سنڌ جي جدوجهد جي مڪمل حمايت ڪندي. ان موقعي ايس ٽي پي اڳواڻ حيدر شاھاڻي، هوت خان گاڏهي، ڊاڪٽر عبدالحميد ميمڻ، سومار مڱريو، جماعت اسلامي اڳواڻ طاهر مجيد, محمد حنيف, لياقت احمد ۽ ٻيا موجود هئا.