ڪراچي( خاص رپورٽ) سنڌ ۾ عدالتي حڪمن جي ڀڃڪڙي معمول بڻجي وئي آهي. ورڪس اينڊ سروسز کاتي جي ڪمپيوٽر پروگرامر طرفان ڪيڊر تبديل ڪري مڪاني کاتي ۾ ڊپٽي ڊائريڪٽر جي حيثيت سان مقرري ٿيڻ جو انڪشاف ٿيو آهي.ٻئي طرف، غير قانوني طور ڊائريڪٽر جي عهدي تي مقرر ٿيل آفيسر کي گريڊ 19 جي ايڊيشنل ڊائريڪٽر جي عهدي لاءِ سينيارٽي لسٽ ۾ شامل ڪيو ويو آهي. تفصيل موجب، سنڌ جي سرڪاري کاتن ۾ عدالتي حڪمن کي نظرانداز ڪرڻ آفيسرن لاءِ هڪ روايت بڻجي چڪي آهي. سنڌ جي يونيورسٽين کانپوءِ هاڻي ورڪس اينڊ سروسز کاتي جي عملدارن پڻ ڪيڊر تبديل ڪري ٻين کاتن ۾ اعليٰ عهدن تي مقرر ٿيڻ جو سلسلو شروع ڪري ڇڏيو آهي.مليل دستاويزن موجب، ورڪس اينڊ سروسز کاتي جو هڪ آفيسر سپريم ڪورٽ جي حڪمن جي ڀڃڪڙي ڪندي مڪاني کاتي ۾ ڊپٽي ڊائريڪٽر بڻجي ويو آهي. ذريعن مطابق، مڪاني کاتي حيدرآباد جو ڊپٽي ڊائريڪٽر عبدالجبار ٽڳڙ ورڪس اينڊ سروسز کاتي ۾ گريڊ 14 جي ڪمپيوٽر پروگرامر طور ڀرتي ٿيو هو، جتي پوسٽ اپگريڊ ٿيڻ کانپوءِ گريڊ 16 ۾ پهتو.ذريعن موجب، عملدار دادو ضلعي جي پيارو شگر ملز ۾ تبديلي ڪرائي ۽ پاڻ کي سرپلس پول ۾ ڄاڻائي مڪاني کاتي ۾ مقرر ٿيو. هو هن وقت گريڊ 18 ۾ ڊپٽي ڊائريڪٽر جي عهدي تي مقرر آهي ۽ گريڊ 19 جي ايڊيشنل ڊائريڪٽر جي عهدي لاءِ سينيارٽي لسٽ ۾ 11 آفيسرن ۾ ڇهين نمبر تي شامل آهي.حڪومت سنڌ جي لاڳاپيل اختيارين طرفان مذكوره غير قانوني سرگرمي ۽ مقرري جي خلاف ڪا به ڪارروائي عمل ۾ نه آندي وئي آهي، جنهن سان عدالتي حڪمن تي مڪمل عمل ڪرڻ بابت حڪومت سنڌ جي دعوائن جي اصليت ظاهر ٿي وئي آهي.ٻئي طرف هڪ وڪيل سهيل احمد چيف سيڪريٽري سنڌ، مڪاني کاتي جي سيڪريٽري، ورڪس اينڊ سروسز جي سيڪريٽري ۽ چيئرمين اينٽي ڪرپشن کي لکت ۾ شڪايت ڪئي آهي ته مذكوره آفيسر جي سروس بابت جاچ ڪئي وڃي.
هن مطالبو ڪيو آهي ته معلوم ڪيو وڃي ته هو ڪهڙي قانون تحت ورڪس اينڊ سروسز کان پيارو شگر ملز ۾ مقرر ٿيو ۽ اتان پاڻ کي سرپلس ڄاڻائي مڪاني کاتي ۾ مقرر ٿيو، ترقيون ماڻي گريڊ 18 تائين پهتو، ۽ هاڻي گريڊ 19 ۾ ترقي لاءِ سينيارٽي لسٽ ۾ شامل ٿي چڪو آهي.ٻئي طرف عبدالجبار ٽڳڙ سان رابطو ڪرڻ تي هن فون ته اٽينڊ ڪئي، پر ڪجهه ٻڌائڻ کان صاف انڪار ڪري ڇڏيو.