ڪراچي ۾ زاهد ميراڻي جي قتل خلاف ملير کان ڪراچي پريس ڪلب تائين مارچ

ڪراچي (رپورٽر)  نوجوان زاهد ميراڻي جي قاتلن جي گرفتاري لاءِ جيئي سنڌ قومي محاذ، سنڌ ملاح فورم طرفان پپري ملير کان ريلي ڪڍي ڪراچي پريس ڪلب ٻاهران احتجاجي مظاهرو ڪيو ويو، مظاهرين طرفان هٿن ۾ نوجوان زاهد ميراڻي جون تصويرون ۽ پلي ڪارڊ کڻي قاتلن جي گرفتاري لاءِ سخت نعريبازي ڪئي وئي. ان موقعي تي احتجاجي مظاهري جي اڳواڻي ڪندڙ صنعان قريشي، الطاف ميراڻي، ماجد ملاح، الاهي بخش بڪڪ، انعام سيال، ضمير مشوري ۽ ٻين ميڊيا سان ڳالهائيندي چيو ته گذريل 10 اڳ گلشن حديد اربع  بازار ۾ ڪم ڪندڙ زاهد ميراڻي کي جوابدار عبيد الله پٺاڻ ولد زمين خان ، شيراز پٺاڻ طرفان کيس ڇرا هڻي قتل ڪري ڇڏيو، جنهن بعد حد جي ٿاڻي اسٽيل ٿاڻي تي قتل جو ڪيس داخل ڪرايو ويو آهي پر حد جي پوليس 10 گذرڻ باوجود هن وقت تائين زاهد ميراڻي جي قاتلن کي گرفتار نه ڪري سگهي آهي، پوليس صرف آسرا ڏئي رهي آهي ته اسان ٽيمون جوڙي گرفتاري لاءِ ڇاپا هڻي رهيا آهيون پر قاتل گرفتار نه ڪري سگهي. هنن مطالبو ڪيو ته جلد کان جلد بيگناھ قتل ٿيل نوجوان زاهد ميراڻي جي قاتلن کي گرفتار ڪري سخت سزا ڏني وڃي نه ته ٻي صورت اسان جو دائرو وسيع ڪنداسين .

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.