پشاور(م ڊ) خيبرپختونخواهه جي اپيڪس ڪميٽي جي اجلاس ۾ فيصلو ڪيو ويو آهي ته ڪرم ضلعي ۾ امن قائم ڪرڻ لاءِ تڪراري ڌرين کان هٿيار ورتا ويندا، ڌريون حڪومت جي ٽياڪڙي ذريعي پاڻ ۾ معاهدي تي صحيحون ڪنديون، ڪالهه علي امين گنڊاپور جي صدارت هيٺ اجلاس ٿيو، جنهن ۾ وفاقي گهرو وزير محسن نقوي، ڪور ڪمانڊر پشاور ۽ ٻين شرڪت ڪئي، اجلاس ۾ فيصلو ڪيو ويو ته ڪرم ۾ سمورا بنڪر ختم ڪيا ويندا، گهرو وزير محسن نقوي چيو ته امن امان کي يقيني بڻائڻ لاءِ هر سطح تي قدم کنيا ويندا، ان کان اڳ محسن نقوي علي امين گنڊاپور سان ملاقات ڪري سهڪار جي خاطري ڪرائي.
-
ڪرم ۾ انساني الميو، دوائون نه ملڻ سبب 30 ٻارڙا فوت
پشاور(م ڊ) خيبرپختونخواهه جي علائقي ڪرم ۾ پرتشدد واقعن کانپوءِ ڪيترن ئي ڏينهن کان مکيه رستا بند هجڻ سبب دوائن ۽ ٻين ضروري شين جي کوٽ سبب 30 ٻارڙا فوت ٿي ويا آهن. دي گارڊين موجب، آڪٽوبر کان وٺي گهٽ ۾ گهٽ 130 ماڻهو مارجي ويا آهن، جڏهن ته ٻنهي گروهن جا ماڻهو حملي جي خوف کان گهرن ۾ ئي رهيا آهن. ٻئي طرف صوبائي حڪومت جو چوڻ آهي ته ٻنهي طرفن کان هٿياربند گروهه پنهنجا هٿيار هٿ ڪرڻ بعد ئي ضلعي ۾ زميني رستا کوليندا. ڪرم ضلعي جي هيڊ ڪوارٽر پاراچنار جي سينٽرل اسپتال جي ميڊيڪل سپرنٽينڊنٽ سيد مير حسن جو چوڻ آهي ته دوائن جي کوٽ سبب 30 ٻارڙا فوت ٿي ويا آهن.