پاڪستان ۾ سون جي درآمد تاريخ جي بلند ترين سطح تي پهچي وئي

ڪراچي(ويب ڊيسڪ)پاڪستان ۾ سون جي مجموعي درآمد تاريخ جي بلند ترين سطح تي پهچي وئي

ڳڻپ واري اداري جي رپورٽ موجب نومبر ۾ ڪنهن به مهيني جي ڀيٽ ۾ وڌيڪ 68 ڪلو سون ملڪ ۾ درآمد ڪيو ويو.

ادادن موجب، آڪٽوبر جي مقابلي ۾ نومبر ۾ سون جي درآمدات ۾ 179.74 سيڪڙو اضافو ٿيو، جڏهن ته سالانه بنياد تي نومبر ۾ 55.76 سيڪڙو واڌ ٿي.

دستاويزن مطابق، نومبر ۾ سون جو درآمدي بل 60 لک 73 هزار ڊالر رڪارڊ ڪيو ويو.

اداره شماريات مطابق، آڪٽوبر ۾ 24 ڪلو، سيپٽمبر ۾ 55 ڪلو، ۽ آگسٽ ۾ 22 ڪلو سون درآمد ڪيو ويو، جڏهن ته جولاءِ ۾ 28 ڪلو، فيبروري ۾ 23 ڪلو ۽ جنوري ۾ 19 ڪلو سون ملڪ ۾ آندو ويو.

دستاويزن ۾ ڄاڻايو ويو آهي ته موجوده سال جي مارچ، اپريل، مئي ۽ جون مهينن دوران سون جي ڪا به درآمد نه ڪئي وئي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.