ڀارتي اداڪار رام ڪپور 42 ڪلو وزن گهٽائي مداحن کي حيران ڪري ڇڏيو

ممبئي (ويب ڊيسڪ)ڀارتي ٽيليويزن، فلمن ۽ او ٽي ٽي پليٽ فارمز تي پنهنجي بهترين اداڪاري لاءِ مشهور اداڪار رام ڪپور تازو پنهنجي مداحن کي حيران ڪري ڇڏيو.

رام ڪپور پنهنجي تازي تصويرون انسٽاگرام تي شيئر ڪيون، جيڪي ڏسي مداحن لاءِ هن کي سڃاڻڻ مشڪل ٿي ويو.

رام گذريل 3 مهينن کان سوشل ميڊيا تان غائب هئا. هاڻي اوچتو هن انسٽاگرام تي هڪ تصوير شيئر ڪئي، جنهن ۾ هو آئينو سامهون بيهي سيلفي وٺندو نظر اچي رهيو آهي.

تصوير ۾ هو انتهائي ڪمزور لڳي رهيو آهي ۽ سندس وزن واضح طور تي گھٽ ٿي ويو آهي.

رام تصوير جي ڪيپشن ۾ لکيو: "هيلو دوستو، انسٽاگرام کان پري رهڻ لاءِ معذرت، مان پنهنجي جسم تي ڪافي محنت ڪري رهيو هئس.”

51 ورهين جي اداڪار پنهنجي زال گوتامي ڪپور سان گڏ هڪ ٻي تصوير به شيئر ڪئي، جنهن ۾ هن انڪشاف ڪيو ته "مون حيرت انگيز طور 42 ڪلو وزن گھٽايو آهي.”

تصويرون ظاهر ٿيندي ئي مداح سندس شاندار تبديلي تي حيران رهجي ويا.

هڪ صارف ڪمينٽ ڪيو: "ڪپور صاحب، هي تبديلي واقعي متاثر ڪندڙ آهي.” جڏهن ته هڪ ٻئي مداح لکيو: "هي تبديلي غيرمعمولي آهي.”

واضح رهي ته هي پهريون ڀيرو ناهي جو رام ڪپور پنهنجي جسماني تبديلي سان ڌيان ڇڪايو هجي.

2019 ۾، هو 7 مهينن جي مختصر عرصي ۾ 30 ڪلو وزن گھٽائڻ تي سرخيون بڻيو هو. ان وقت هن ٻڌايو هو: "مان ڏينهن ۾ 8 ڪلاڪ کائيندو آهيان ۽ 16 ڪلاڪ جو روزو رکندو آهيان. مان صبح ۽ رات جو ٻه ڪلاڪ ورزش ڪندو آهيان.”

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.