باليووڊ اداڪارا انوشڪا پاڪستاني ڊرامن جي اداڪارا اقراءَ عزيز جي مداح نڪتي

ممبئي(ويب ڊيسڪ)بالي ووڊ جي سپر اسٽار انوشڪا شرما به پاڪستاني ڊرامن جي سپر اسٽارز جي مداح نڪتي.

جڳ مشهور پاڪستاني ڊرامي "خدا اور محبت" ذريعي ڪيترن ئي ملڪن ۾ شهرت ماڻيندڙ پاڪستاني اداڪارا اقرا عزيز گذريل هفتي برطانوي قونصل خاني ڪراچي ۾ منعقد ٿيل فيشن شو ۾ ڪيٽ واڪ ۾ شرڪت ڪئي، جتي هن ڄمون رنگ جو خوبصورت لباس پهريو.

دلچسپ ڳالهه اها آهي ته ان کان پوءِ بالي ووڊ جي سپر اسٽار انوشڪا شرما به ساڳئي رنگ ۽ ڊزائن وارو لباس پهريو، جنهن تي مداحن سوشل ميڊيا تي حيرت جو اظهار ڪيو.

ٻنهي اداڪارائن جي هڪجهڙي لباس تي سوشل ميڊيا تي دلچسپ تبصرا ۽ چرچا جاري آهن.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.