ڏُکي کي ڏُک به گهڻا، اهم ڏکڻ آفريڪي بالر انجري سبب پاڪستان خلاف آخري ون ڊي مان ٻاهر

ڪيپ ٽائون( ويب ڊيسڪ) ڏکڻ آفريڪي فاسٽ بالر اوٽنيل بارٽمين انجري سبب پاڪستان خلاف ٽِين ون ڊي مان ٻاهر ٿي ويو.
ڏکڻ آفريڪي ڪرڪيٽ بورڊ موجب، اوٽنيل بارٽمين انجري جو شڪار ٿي ويو آهي، هو پاڪستان خلاف سيريز جي پهرين ون ڊي کيڏيو هو.
ٻي ون ڊي لاءِ بارٽمين کي ڏکڻ آفريڪي اسڪواڊ ۾ شامل نه ڪيو ويو هو ۽ هاڻي هو انجري سبب سيريز جي آخري ميچ مان به ٻاهر ٿي ويو آهي.
ڪاربن بوش کي اوٽنيل بارٽمين جي جاءِ تي ڏکڻ آفريڪي اسڪواڊ ۾ شامل ڪيو ويو آهي.
واضح رهي ته پاڪستان ۽ ڏکڻ آفريڪا وچ ۾ سيريز جي ٽِين ۽ آخري ون ڊي آچر تي کيڏي ويندي، پاڪستان کي سيريز ۾ 0-2جي فيصلائتي سرسي حاصل آهي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.