اسلام آباد(نجم سيٺي) آمريڪا پاران پاڪستان جي ميزائل پروگرام تي پابنديون لڳڻ رڳو پاڪستان نھ پر روس، چين ۽ ڪوريا مٿان بھ لڳنديون آھن.سوال اھوآھي تھ ڇا ان جو ڪو نقصان آھي يا عام روٽين آھي ان ۾ ڪو پي ٽي آءِ جو ڪردار ناھي پر اھو قانون جوحصو آھي ۽ اھي ٽارگيٽ ڪري رھيا آھن نيوڪليئر ميزائل سسٽم کي.منھنجي خيال ۾ ان جو ڪوخاص نقصان ناھي. پھريون بھ ائين ٿيندو رھيو پر ڇا اسان اھي سڀ ڇڏيا آھن جواب آھي تھ نھ. اسان جيڪو ڪري رھيا آھيون سو ڪندا رھنداسين. جيتريون پابنديون ايران مٿان لڳيون؟ ڇا ڪنھن ٻئي تي لڳيون تھ ڇا ان جو ايٽمي پروگرام بيٺو جواب آھي تھ نھ .سو جڏھن سياستدان وغيرھ فيصلو ڪن تھ اھو ڪرڻو آھي تھ اھي ڪندا رھندا آھن ۽ ھتي بھ آمريڪا پاڪستان جا نارمل لاڳاپا جاري رھندا ۽ بيلسٽڪ ميزائل وارو سلسلو بھ جاري رھندو.اٺ ڏھن ورھين کان ڀارت ۽ آمريڪا جا فوجي لاڳاپا وڌي رھيا آھن ۽ انڊيا آمريڪا کان فوجي سامان خريدي رھيو آھي ۽ مشقون ٿي رھيون آھن.جيڪي شيون انڊيا کي ڏنيون پيون وڃن اھي ناقابل يقين آھن چين سامھون ان کي اڀارڻ لاءِ. معيشت تي ڀارت لاءِ وڏيون سھولتون آھن ۽ پاڪستان کي ٽائٽ ڪيو پيو وڃي.آمريڪا انڊيا کي پريڪٽيڪل دوست بڻائي رھيوآھي.پر انڊيا جي 60 سيڪڙو کان مٿي فوج روس تي ڀاڙي ٿي.پاڪستان کي پنھنجي پيرن تي بيھڻو پوندو. آمريڪا جيترو سوڙهو ڪندو تھ پوءِ اسان بھ ڪو موڙ وٺنداسين سو اسان تھ چين طرف ويندا رھيا آھيون . ڀارت روس ۽ آمريڪا کي گڏ رکي رھيوآھي.گوادر تي چين سان ڏي وٺ ٿي رھي آھي. چين چاھي ٿو تھ گوادر ان کي ملي. آمريڪا اھو نھ ٿو چاھي. اسان کين چيو آھي تھ سيڪنڊ اسٽرايئڪ ڪيپبلٽي ڏيو. سا آھي تھ ايٽمي حملو ڪنھن تي ٿئي تھ ان بعد ٻئي حملي جو موقعو ملي سگھي. پھرين ايٽمي حملي کي روڪڻ لاءِ يا سيڪنڊ اسٽرائيڪ لاءِ ڪيپيبلٽي ھجڻ گھرجي ٻئي پاسي سي پيڪ تي بھ معاملا ھلي رھيا آھن ۽ ٻنھي ملڪن جا معاملا ڇڪتاڻ ۾ آھن جيڪي حل نھ پيا ٿي سگھن. انڊيا ۽ روس جا معاملا بھتر ٿي رھيا آھن. جيڪي پابنديون لڳي رھيون آھن ايران سان بھ مسئلا آمريڪا جا ھلي رھيا آھن جيڪو بيلسٽ ميزائل طرف وڃي رھيوآھي. 2025 ۾ ايران ۽ آمريڪا جو فوڪس ايران ھوندو اھي رجيم چينج جي ڪوشش ڪندا ۽ ايٽمي تنصيبات کي ختم ڪرڻ جي ڪوشش ڪندا. بعد ۾ اھي پاڪستان تي فوڪس ڪندا ۽ پاڪستان جي ايٽمي پروگرام تي بھ فوڪس ڪندا.ڊونلڊ ٽرمپ جي ماڻھن پيسا کاڌا آھن سي عمران جي آزادي لاءِ بيان بازي ڪندا رھندا پر جڏھن اقتدار ۾ ايندا تھ ڏسبو تھ ڇا ٿا ڪن پر مختلف موقعن تي اتان جيڪو دٻاءُ آيو آھي تنھن کي نه جو جواب هتان ايندو رهيو آهي، ٽرمپ پينٽاگون ۽ آمريڪي فوج پاڪستان سان عمران جي ڪري لاڳاپا خراب نھ ڪندا ۽ اسٽيبلشمنٽ ھن وقت تائين ڪنھن بھ دٻاءُ کي قبول نھ ڪرڻ جي موڊ ۾ آھي.ٽرمپ کي بھ آمريڪي اسٽيبلشمنٽ کي گڏ ھلڻو پوندو نھ تھ اھي ھن کي ناڪام ڪري ڇڏيندا.