آچر تائين مطالبا منظور نه ٿيا ته… عمران خان حڪومت کي الٽيميٽم ڏئي ڇڏيو

راولپنڊي (ويب ڊيسڪ ) اڳوڻي وزيراعظم ۽ پي ٽي آءِ باني عمران خان چيو آهي ته تحريڪِ انصاف طرفان ڳالهين جي آڇ کي سندن ڪمزور نه سمجهيو وڃي ۽ جيڪڏهن آچر تائين حڪومت مطالبا منظور نه ڪيا ته سول نافرماني جي تحريڪ شروع ڪئي ويندي.
اڊيالا جيل ۾ قيد عمران خان جي سوشل ميڊيا اڪائونٽ تان جاري ڪيل بيان ۾ چيو ويو آهي ته هنن جا حڪومت کان ٻه مطالبا هئا ته سياسي قيدين جي آزادي ۽ 9 ۽ 26 نومبر جي واقعن جي شفاف جاج لاءِ عدالتي ڪميشن جوڙي وڃي.
سندس چوڻ هو ته هنن جي نظر ۾ اِهي ٻئي مطالبا جائز آهن ۽ جيڪڏهن حڪومت انهن تي آچر تائين عمل نه ڪيو ته سول نافرماني جي تحريڪ جو پهريون مرحلو شروع ڪيو ويندو.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.